عالمي ايٿليٽڪس چيمپئين شپ 2029 جي ميزباني نيروبي جي نالي

نيروبي-17 سيپٽمبر(اي پي پي) ورلڊ ايٿليٽڪس پاران سال 2029 جي عالمي ايٿليٽڪس چيمپئين شپ جي ميزباني ڪينيا جي گادي واري شهر نيروبي کي ڏيڻ جي تاريخي فيصلي جي پوري آفريقي کنڊ ۾ آجيان ڪئي پئي وڃي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪينيا ميزباني جي ان ڊوڙ ۾ اڳوڻن اولمپڪ ميزبان شهرن لنڊن ۽ روم کي شڪست ڏئي اهو اعزاز حاصل ڪيو آهي، جنهن کان پوءِ اهو تاريخ ۾ پهريون موقعو هوندو ته …

نيروبي-17 سيپٽمبر(اي پي پي) ورلڊ ايٿليٽڪس پاران سال 2029 جي عالمي ايٿليٽڪس چيمپئين شپ جي ميزباني ڪينيا جي گادي واري شهر نيروبي کي ڏيڻ جي تاريخي فيصلي جي پوري آفريقي کنڊ ۾ آجيان ڪئي پئي وڃي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪينيا ميزباني جي ان ڊوڙ ۾ اڳوڻن اولمپڪ ميزبان شهرن لنڊن ۽ روم کي شڪست ڏئي اهو اعزاز حاصل ڪيو آهي، جنهن کان پوءِ اهو تاريخ ۾ پهريون موقعو هوندو ته ورلڊ ايٿليٽڪس چيمپئين شپ آفريقا ۾ منعقد ٿيندي . ٽن سال بعد منعقد ٿيندڙ ان ميگا ايونٽ جا سمورا مقابلا نيروبي جي 48000 تماشائين جي گنجائش واري ڪساراني اسٽيڊيم ۾ کيڏيا ويندا. اٿوپيا جي مشهور ايٿليٽ ۽ 2 ڀيرا اولمپڪ رهندڙ هائلي گبريسلاسي ان فيصلي کي سڄي آفريقا لاءِ هڪ عظيم اڳڀرائي قرار ڏيندي چيو ته هوم گرائونڊ تي کيڏڻ سان ڪينيا ۽ اٿوپيا جي رانديگرن کي کٽڻ  جو بهترين موقعو ملندو. سال 2015ع جي جيولن ٿرو ورلڊ چيمپئين جوليئس ييگو چيو ته اهو آفريڪا لاءِ هڪ وڏو لمحو آهي جنهن سان دنيا کي آفريقي صلاحيتن جو اندازو ٿيندو ان سان آفريقا ۾ اولمپڪس جهڙي ميزباني جي نون خوابن کي تعبير ملندي. آفريقا ايندڙ سالن ۾ ڪيترن ئي وڏين عالمي اسپورٽس ايونٽس جي ميزباني ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهي . انهن ۾ سينيگال ۾ 31 آڪٽوبر کان 13 نومبر تائين ٿيندڙ يوٿ اولمپڪس، سال 2027 جو ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ( ڏکڻ آفريقا ، زمبابوي ۽ نميبيا ) ۽ مراڪش ۾ 2030 ع جو فيفا ورلڊ ڪپ شامل آهي. آفريقي اسپورٽس اسٽارز موجب نيروبي ۾ ان عالمي مقابلي جو بندوبست اڀرندڙ نوجوان ايٿليٽڪس لاءِ مشعل راهه ثابت ٿيندو.