وزيراعظم جي هدايت تي پيٽرول سبسڊي اسڪيم ۾ رجسٽريشن جو ميسيج مفت ڪيو ويو

اسلام آباد - 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي پيٽرول سبسڊي اسڪيم ۾ رجسٽريشن جي ميسيج کي بلڪل مفت ڪيو ويو. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اسڪيم تحت موٽرسائيڪل، رڪشا ۽ 800 سي سي تائين جي گاڏين جي مالڪن کي فيول سبسڊي فراهم ڪئي پئي وڃي. پوري ملڪ سميت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ وزيراعظم …

اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي پيٽرول سبسڊي اسڪيم ۾ رجسٽريشن جي ميسيج کي بلڪل مفت ڪيو ويو. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اسڪيم تحت موٽرسائيڪل، رڪشا ۽ 800 سي سي تائين جي گاڏين جي مالڪن کي فيول سبسڊي فراهم ڪئي پئي وڃي. پوري ملڪ سميت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ وزيراعظم فيول سبسڊي اسڪيم تحت عوام تائين ريليف پهچايو پيو وڃي. اڳ ۾ آر اي جي لکي اسپيس ڏئي سڃاڻپ ڪارڊ نمبر، گاڏي جي نمبر پليٽ، رجسٽريشن جي صوبي جي نالي جو پهريون اکر ۽ گاڏي جي رجسٽريشن جي تاريخ 9771 تي مفت ميسيج ڪرڻ سان اسڪيم ۾ رجسٽريشن ٿيندي. فيول سبسڊي اسڪيم جا مڪمل تفصيل اردو ويب سائيٽ www.pmfuelrelief.pk تي پڻ دستياب آهن.