اسلام آباد - 17 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ جو ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل سفارتي ڪيريئر خميس ڏينهن پڄاڻي تي پهتو، سندس جڳهه عاصم افتخار اهو عهدو سنڀاليندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان سجاد حيدر خان پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ اعلان ڪيو ته پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ جي خدمتن کي ساراهيون ٿا جيڪا ٽن ڏهاڪن جي پاڪستان جي خدمت جي پنهنجي سفر جي پڄاڻي کانپوءِ خميس ڏينهن …
پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ رٽائرڊ، عاصم افتخار پرڏيهي سيڪريٽري جو عهدو سنڀاليندو، آمنه بلوچ ترڪيه ۾ پاڪستان جي سفير طور خدمتُون سرانجام ڏيندي
اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ جو ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل سفارتي ڪيريئر خميس ڏينهن پڄاڻي تي پهتو، سندس جڳهه عاصم افتخار اهو عهدو سنڀاليندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان سجاد حيدر خان پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ اعلان ڪيو ته پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ جي خدمتن کي ساراهيون ٿا جيڪا ٽن ڏهاڪن جي پاڪستان جي خدمت جي پنهنجي سفر جي پڄاڻي کانپوءِ خميس ڏينهن پنهنجو سفارتي ڪيريئر مڪمل ڪري عهدو ڇڏي رهي آهي. هن چيو ته پنهنجي شاندار ملازمت جي مدي دوران سفير آمنه بلوچ پنهنجي پيشيواراڻي رويي، عزم ۽ مثالي قيادت جي ذريعي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۽ سفارتي خدمتن ۾ قيمتي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. سفير آمنه بلوچ 11 سيپٽمبر 2024ع تي پاڪستان جي 33هين پرڏيهي سيڪريٽري جو عهدو سنڀاليو هو. سندس آخري مقرري مئي 2023ع کان سيپٽمبر 2024ع تائين بيلجيئم، لڪسمبرگ ۽ يورپي يونين ۾ پاڪستان جي سفير جي طور تي هئي. ان کان اڳ هن 2019ع کان 2023ع تائين ملائيشيا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر ۽ 2014ع کان 2017ع تائين چين جي چينگدو ۾ قونصل جنرل طور خدمتُون سرانجام ڏنيُون. سفير آمنه بلوچ 1991ع ۾ پرڏيهي وزارت ۾ شموليت اختيار ڪئي. وزارت جي هيڊڪوارٽر ۾ هن سياسي، انتظامي ۽ پروٽوڪول ڊويزنز ۾ مختلف عهدن تي خدمتون سرانجام ڏنيون. هن وزيراعظم آفيس ۾ اهم عهدن تي به ڪم ڪيو ۽ 2018 – 2019ع ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري جي طور تي خدمتون سرانجام ڏنيون. ان کان اڳ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اعلان ڪيو هو ته سفير آمنه بلوچ جي جاءِ سفير عاصم افتخار وٺندو جيڪو هن وقت گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سفير آمنه بلوچ ريٽائرمينٽ کانپوءِ پاڪستان جي ترڪيه ۾ سفير جو عهدو سنڀاليندي ۽ يقين ظاهر ڪيو ته هو پنهنجي نئين ڪردار ۾ به پاڪستان جي خدمت جاري رکندي.








