اسلام آباد- 17 سيپٽمبر(اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته نجي شعبي کي وڌيڪ موقعا ملڻ ۽ معيشت ۾ نجي شعبي جي اثرائتي ڪردار کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت مختلف شعبن ۾ سڌارا آڻي رهي آهي، سڌارن، مالي معاملن ۾ شفافيت ۽ ڪاروبار ۾ آساني جي قدمن سان ملڪ جي معيشت وڌيڪ مستحڪم ٿيندي. هن اها ڳالهه پاڪستان هاءِ ڪميشن لنڊن جي …
نجي شعبي کي وڌيڪ موقعا ملڻ ۽ معيشت ۾ نجي شعبي جي اثرائتي ڪردار کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت مختلف شعبن ۾ سڌارا آڻي رهي آهي: ناڻي واري وفاقي وزير جو لنڊن ۾ رائونڊ ٽيبل کي خطاب
اسلام آباد- 17 سيپٽمبر(اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته نجي شعبي کي وڌيڪ موقعا ملڻ ۽ معيشت ۾ نجي شعبي جي اثرائتي ڪردار کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت مختلف شعبن ۾ سڌارا آڻي رهي آهي، سڌارن، مالي معاملن ۾ شفافيت ۽ ڪاروبار ۾ آساني جي قدمن سان ملڪ جي معيشت وڌيڪ مستحڪم ٿيندي. هن اها ڳالهه پاڪستان هاءِ ڪميشن لنڊن جي اهتمام هيٺ پاڪستان انويسٽمينٽ رائونڊ ٽيبل کي خطاب ڪندي چئي، جنهن ۾ لنڊن جي مشهور سيڙپڪارن ۽ عالمي مالياتي ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو گورنر جميل احمد، ناڻي بابت وفاقي وزير جو صلاحڪار خرم شهزاد ۽ برطانيا ۾ پاڪستان جو هاءِ ڪمشنر ٽيپو عثمان به ان موقعي تي موجود هئا. ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته حڪومت ملڪ جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۽ پائيدار معاشي ترقي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته حڪومت مختلف شعبن ۾ سڌارا آڻي رهي آهي ته جيئن نجي شعبي کي وڌيڪ موقعا ملن ۽ اهي معيشت ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهن. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت جي مالي پاليسي جا هاڪاري نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. بجيٽ خساري ۾ گهٽتائي ،حڪومتي آمدني ۾ واڌ ۽ مالي ۽ اداره جاتي سڌاران ۾ اڳڀرائي ٿي آهي. سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته حڪومت سرڪاري ادارن ۾ سڌارن سان گڏو گڏ نجڪاري جي عمل کي به اڳتي وڌائي رهي آهي. هن چيو ته توانائي جي شعبي ۾ سڌارن، مالي معاملن ۾ شفافيت ۽ ڪاروبار ۾ آساني جي قدمن سان ملڪ جي معيشت مستحڪم ٿيندي. ناڻي واري وزير چيو ته معاشي ترقي لاءِ ٽيڪس بنياد کي هٿي ڏيڻ ۽ ٽيڪس قانونن تي اثرائتو عمل ضروري آهي. هن ٻڌايو ته ٽيڪس اختيارين جا صوابديدي اختيار ختم ڪيا ويا آهن ۽ ٽيڪس جي معاملي ۾ ڪنهن سان خاص رعايت نه ڪئي ويندي پر پگهار دار طبقي تي ڪو نئون ٽيڪس ناهي لڳايو ويو. سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته گذريل سال سڄي ملڪ ۾ آيل شديد ٻوڏ ۽ وچ اوڀر ۾ تازي جنگ سبب پاڪستان جي معيشت کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو آهي. وچ اوڀر جي صورتحال سبب عالمي سطح تي تيل جون قيمتون به متاثر ٿيون آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ عالمي سيڙپڪارن جي دلچسپي ۾ ٻيهر اضافو ٿي رهيو آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان آءِ ايم ايف جا سمورا جائزا مقرر وقت تي ڪاميابي سان مڪمل ڪيا آهن، جڏهن ته ملڪ جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ ٽي درجا بهتري به آئي آهي. بعد ۾ سوالن ۽ جوابن جي سيشن ۾ ناڻي واري وزير مالياتي ادارن جي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان دوران پاڪستان جي معيشت، سيڙپڪاري جي ماحول، عالمي مالياتي ادارن سان سهڪار ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي ڳالهيون ڪيون ويون.








