لاهور - 13 - آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ مصري صدر عبدالفتاح السيسي جي خاص دعوت تي غزه امن معاهدي تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ شرم الشيخ روانو ٿي ويو آهي، جتي هو غزه ۾ جنگ بندي لاءِ شرم الشيخ امن سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم سان گڏ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ اطلاعات ۽ …
وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪي ۽ صدرن جي خاص دعوت تي غزه امن معاهدي تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ شرم الشيخ روانو
لاهور – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ مصري صدر عبدالفتاح السيسي جي خاص دعوت تي غزه امن معاهدي تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ شرم الشيخ روانو ٿي ويو آهي، جتي هو غزه ۾ جنگ بندي لاءِ شرم الشيخ امن سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم سان گڏ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ اطلاعات ۽ نشريات جو وزير عطاءُ الله تارڙ وفد ۾ شامل آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، مصري صدر عبدالفتاح السيسي، قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني، ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان ۽ ٻين عالمي اڳواڻن جي موجودگي ۾ غزه امن معاهدي تي صحيحن جي تقريب ۾ خصوصي طور تي شرڪت ڪندو. شرم الشيخ ۾ امن سربراهه اجلاس صدر ڊونلڊ ٽرمپ، وزيراعظم شهباز شريف ۽ عرب اسلامي اڳواڻن پاران گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي غزه ۾ جنگ بندي لاءِ خاص ڪوششن جو نتيجو آهي. هڪ گڏيل بيان وسيلي وزيراعظم سميت انهن ملڪن جي سربراهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي غزه ۾ جنگ بندي، خطي ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جي منصوبي جي آجيان ڪئي هُئي. شرم الشيخ امن سربراهه اجلاس ۾ وزيراعظم جي شرڪت فلسطينين جي حقن لاءِ آواز بلند ڪرڻ ۽ انهن کي هر قسم جي سياسي ۽ سفارتي مدد فراهم ڪرڻ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. پاڪستان اها اميد ڪري ٿو ته هن امن سربراهي اجلاس ۽ ان ۾ صحيح ٿيل معاهدي کانپوءِ غزه ۾ جاري ظلم جو سلسلو بند ٿيندو، غزه مان اسرائيلي فوجون واپس هليُون وينديون، فلسطينين جي پنهنجن گهرن ڏانهن واپسي ٿيندي، انهن جي حفاظت کي يقيني بڻائي ويندي، قيدين کي آزادي ملندي ۽ امن سان گڏوگڏ غزه جي نئين سر تعمير ممڪن ٿي سگهندي. بيان موجب پاڪستان کي هاڻي اها اميد آهي ته اهڙن قدمن سان نه رڳو وچ اوڀر ۾ ڊگهي مُدي وارو پائيدار امن وارو پُراڻو خواب پورو ٿيندو پر گڏيل قومن جي قراردادن مُوجب فلسطينين جي اُمنگن جي ترجماني ڪندي هڪ آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جي قيام عمل ۾ ايندو جنهن جون سرحدون 1967ع کان اڳ وانگر هُونديُون ۽ القدس الشريف ان جو گاديءَ جو هنڌ هوندو.








