غزه امن منصوبو وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي طرف هڪ اهم قدم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

شرم الشيخ - 13 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته غزه امن منصوبو وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي طرف هڪ اهم قدم آهي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي خاص ڌيان ۽ ڪوششن سان ئي غزه ۾ جاري قتل عام کي روڪڻ ممڪن ٿيو، اڄ جي تقريب نسل ڪشي جي باب جي خاتمي جي نشاندهي ڪري ٿي، عالمي برادري کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته اهڙو …

شرم الشيخ – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته غزه امن منصوبو وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي طرف هڪ اهم قدم آهي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي خاص ڌيان ۽ ڪوششن سان ئي غزه ۾ جاري قتل عام کي روڪڻ ممڪن ٿيو، اڄ جي تقريب نسل ڪشي جي باب جي خاتمي جي نشاندهي ڪري ٿي، عالمي برادري کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته اهڙو باب ڪڏهن به ڪٿي به ٻيهر نه کلي. سومر ڏينهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ "ايڪس” تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته "الحمدالله، آئُون تاريخي غزه امن منصوبي تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ شرم الشيخ پهتو آهيان، جيڪو وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي طرف هڪ اهم قدم آهي. آئُون مصري صدر عبدالفتاح السيسي ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جيڪي هن امن سربراهي اجلاس جي گڏيل ميزباني ڪري رهيا آهن انهن جو ٿورائتو آهيان. وزيراعظم چيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي شاندار قيادت ۽ اڻٿڪ عزم کانسواءِ اسان هي تاريخي لمحو نه ڏسي سگهُون ها. ان جي خاص ڌيان ۽ محنت جي ڪري ئي غزه ۾ جاري قتل عام کي روڪڻ ممڪن ٿيو آهي. هن چيو ته هي تقريب نسل ڪشي جي هڪ باب جي خاتمي جي نشاندهي ڪري ٿو ۽ عالمي برادري کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته ڪڏهن به اهڙو باب ڪٿي به ٻيهر نه کلي.وزيراعظم چيو ته بهادر ۽ ثابت قدم فلسطيني عوام کي 1967ع کان اڳ جي سرحدن واري هڪ آزاد فلسطين رياست ۾ رهڻ جو پورو حق آهي، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ بيت المقدس هجي.