اسان وٽ ايتري امداد موجود آهي جيڪا سڄي غزه لاءِ ٽن مهينن لاءِ ڪافي هوندي:يو اين آر ڊبليو اي

گڏيل قومون -10 آڪٽوبر(اي پي پي) غزه جنگ بندي جي اعلان سان پکڙيل خوشي جي منظر دوران گڏيل قومن جي رليف ۽ ورڪس ايجنسي(يو اين آر ڊبليو) پاران به ان معاهدي جي آجيان سامهون آئي آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب اهو معاهدو وڏي خوشي ۽ اطمينان جو سبب آهي. يو اين آر ڊبليو اي ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته هو ان انساني بحران دوران غزه جي شهرين جون ضرورتون پوريون …

گڏيل قومون -10 آڪٽوبر(اي پي پي) غزه جنگ بندي جي اعلان سان پکڙيل خوشي جي منظر دوران گڏيل قومن جي رليف ۽ ورڪس ايجنسي(يو اين آر ڊبليو) پاران به ان معاهدي جي آجيان سامهون آئي آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب اهو معاهدو وڏي خوشي ۽ اطمينان جو سبب آهي. يو اين آر ڊبليو اي ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته هو ان انساني بحران دوران غزه جي شهرين جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ امدادي سامان داخل ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل فليپ لازاريني ايڪس تي لکيو آهي ته انروا وٽ غزه لاءِ خوراڪ، دوائن ۽ ٻين بنيادي ضرورتن جو سامان موجود آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان وٽ ايترو ذخيرو آهي جو ايندڙ ٽن مهينن تائين سموري آبادي کي خوراڪ مهيا ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.