واشنگٽن-10 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسپين طرفان دفاعي خرچن ۾ اضافو نه ڪرڻ تي کيس نيٽو مان ڪڍڻ جي تجويز پيش ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو بيان ڊونلڊ ٽرمپ وائيٽ هائوس ۾ فنڊ لينڊ جي صدر اليگزينڊر سٽب سان ملاقات جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڏنو. آمريڪي صدر چيو ته هن وقت دفاعي خرچ نه وڌائڻ جو ڪو به جواز ناهي. شايد اسان …
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسپين کي نيٽو مان ڪڍڻ جي تجويز پيش ڪري ڇڏي
واشنگٽن-10 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسپين طرفان دفاعي خرچن ۾ اضافو نه ڪرڻ تي کيس نيٽو مان ڪڍڻ جي تجويز پيش ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو بيان ڊونلڊ ٽرمپ وائيٽ هائوس ۾ فنڊ لينڊ جي صدر اليگزينڊر سٽب سان ملاقات جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڏنو. آمريڪي صدر چيو ته هن وقت دفاعي خرچ نه وڌائڻ جو ڪو به جواز ناهي. شايد اسان کي کيس نيٽو مان ڪڍي ڇڏڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته اوهان سڀني کي اسپين سان ڳالهه ڪرڻ گهرجي، ان کان پڇڻ گهرجي ته هو ڇو پوئتي رهيو آهي. ياد رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جي دٻاءُ تي نيٽو ملڪن هلندڙ سال جون ۾ هڪ معاهدي تحت اهو طئي ڪيو هو ته هو 2035ع تائين پنهنجا دفاعي خرچ مجموعي قومي پيداوار جي 5 سيڪڙو تائين وڌائيندا، جڏهن ته اسپين جي وزيراعظم ان هدف کي رد ڪندي چيو ته هي اسان جي فلاحي رياست ۽ دنيا جي باري ۾ اسان جي نظريي سان هڪجهڙائي نٿو رکي.








