گڏيل قومون-10 آڪٽوبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام(يو اين اي پي) جي ايگزيڪيو ٽو ڊائريڪٽر انگر اينڊرسن چيو آهي ته پلاسٽڪ جي گدلاڻ کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ تاريخي عالمي معاهدو اڃا به ممڪن آهي، جيتوڻيڪ ڳالهيون ٻيهر ناڪام ٿي چڪيون آهن ۽ هلندڙ هفتي ڳالهين واري عمل جي چيئرمين به اوچتو استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل هڪ خصوصي انٽرويو ۾ انگر اينڊرسن چيو ته …
پلاسٽڪ جي گدلاڻ خلاف عالمي معاهدو اڃا ختم ناهي ٿيو: گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام جو سربراهه
گڏيل قومون-10 آڪٽوبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام(يو اين اي پي) جي ايگزيڪيو ٽو ڊائريڪٽر انگر اينڊرسن چيو آهي ته پلاسٽڪ جي گدلاڻ کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ تاريخي عالمي معاهدو اڃا به ممڪن آهي، جيتوڻيڪ ڳالهيون ٻيهر ناڪام ٿي چڪيون آهن ۽ هلندڙ هفتي ڳالهين واري عمل جي چيئرمين به اوچتو استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل هڪ خصوصي انٽرويو ۾ انگر اينڊرسن چيو ته سمورن اختلافن باوجود ڪيترائي ملڪ ڳالهين لاءِ تيار آهن. سندس چوڻ هو ته ڪنهن به مايوسي جو اظهار ناهي ڪيو ۽ اها ئي ڳالهه منهنجي لاءِ حوصلو ڏيندڙ آهي. واضح رهي ته پلاسٽڪ جي گدلاڻ خاص ڪري سمنڊن ۾ هڪ وڌندڙ عالمي مسئلو آهي. ڳالهين دوران به وڏا موقف سامهون آيا آهن. هڪ طرف اهي ملڪ آهن جيڪي پلاسٽڪ جي پيداوار ۾ گهٽتائي جهڙن جرئتمنداڻن قدمن جا حامي آهن، جڏهن ته ٻئي طرف تيل پيدا ڪندڙ ڪجهه ملڪ رڳو هلڪي قسم جا انتظام ڪرڻ تي زور ڀري رهيا آهن. ڏکڻ ڪوريا ۾ سال 2024ع ۾ ٿيل آخري ڳالهيون ڪنهن به معاهدي بنان ختم ٿيون هيون ۽ ان کان پوءِ آگسٽ ۾ جنيوا ۾ ٿيل ڪوششون به ناڪامي جي ورچڙهي ويون. جيتوڻيڪ ڪيترائي ملڪ اهڙين ناڪامين تي ناراض ۽ مايوس جو شڪار آهن پر ان سان گڏ اهو به هن چيو ته اهي ملڪ مستقبل ۾ ڳالهيون جاري رکڻ جا به خواهشمند آهن. گڏيل قومن جو مقصد سال 2025ع تائين هڪ جامع ۽ قانوني طور تي پابند عالمي معاهدو مرتب ڪرڻ آهي ته جيئن سڄي دنيا ۾ پلاسٽڪ جي گدلاڻ کي اثرائتي طريقي سان منهن ڏئي سگهجي.








