ڪويت سٽي-09آڪٽوبر(اي پي پي )گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد آل نهيان ڪويت جي امير شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح سان ملاقات ڪئي. ميڊيا رپورٽن موجب ٻنهي سربراهن خاص طور تي ترقي ۽ اقتصادي وارن شعبن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪارکي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ وارن طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اها ملاقات امارات جي صدر جي ڪويت جي دوري جي موقعي تي بيان پليس ۾ …
گڏيل عرب امارات جي صدر ۽ ڪويت جي امير وچ ۾ ملاقات
ڪويت سٽي-09آڪٽوبر(اي پي پي )گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد آل نهيان ڪويت جي امير شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح سان ملاقات ڪئي. ميڊيا رپورٽن موجب ٻنهي سربراهن خاص طور تي ترقي ۽ اقتصادي وارن شعبن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪارکي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ وارن طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اها ملاقات امارات جي صدر جي ڪويت جي دوري جي موقعي تي بيان پليس ۾ ٿي.ملاقات دوران وچ اوڀر جي تازي صورتحال سميت علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ئي، ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ جنگ بندي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورين ڪوششن جي حمايت جو اظهار ڪيو ۽ زور ڀريو ته ٻه رياستي حل تي ٻڌل منصفاڻو ۽ گڏيل امن ئي خطي ۾ پائيدار استحڪام ۽ فلسطيني جي عوام جي جائز خواهشن کي پورو ڪرڻ جو واحد رستو آهي.








