ٽوڪيو-09 آڪٽوبر(اي پي پي) جاپان جي موسميات کاتي طاقتور طوفان ”هالونگ“ جي ڏکڻ پاسي وارن ايزو ٻيٽن ڏانهن وڌڻ کان پوءِ اتي ڪجهه حصن ۾ شديد برساتن ۽ طوفاني هوائن جي هنگامي وارننگ جاري ڪئي آهي. جاپان ميٽرولاجيڪل ايجنسي خبردار ڪيو آهي ته طوفان سبب علائقي ۾ خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي ان لاءِ انهن علائقن جا رهواسي فوري طور تي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿين. اداري خبردار ڪيو آهي ته …
جاپان پاران ڏورانهن ٻيٽن وارن علائقن ۾ شديد برساتن ۽ طوفاني هوائن جي هنگامي وارننگ جاري
ٽوڪيو-09 آڪٽوبر(اي پي پي) جاپان جي موسميات کاتي طاقتور طوفان ”هالونگ“ جي ڏکڻ پاسي وارن ايزو ٻيٽن ڏانهن وڌڻ کان پوءِ اتي ڪجهه حصن ۾ شديد برساتن ۽ طوفاني هوائن جي هنگامي وارننگ جاري ڪئي آهي. جاپان ميٽرولاجيڪل ايجنسي خبردار ڪيو آهي ته طوفان سبب علائقي ۾ خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي ان لاءِ انهن علائقن جا رهواسي فوري طور تي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿين. اداري خبردار ڪيو آهي ته ٻيٽن ۾ 180 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ تائين جون تيز هوائون هلڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته هوا جي شدت 250 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ کان به وڌي سگهي ٿي جنهن سان عمارتن کي به نقصان پهچي سگهي ٿو. ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران علائقي ۾ 180 ملي ميٽر تائين برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. اي








