پاڪستان پاران گڏيل قومن ۽ آفريقي يونين وچ ۾ امن لاءِ مضبوط حصيداري تي زور، پائيدار امن مقامي قيادت ۽ علائقائي تعاون سان ممڪن آهي: سفير عاصم افتخار احمد

گڏيل قومون-08 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن ۽ آفريقي يونين وچ ۾ مضبوط حصيداري تي زور ڀريندي چيو آهي ته پائيدار امن صرف مقامي قيادت ۽ علائقائي تعاون سان ممڪن آهي. سلامتي ڪائونسل ۾ ” گڏيل قومن ۽ علائقائي ۽ ذيلي علائقائي تنظيمن وچ ۾ تعاون“ تي ٿيل بحث ۾ خيالن جو اظهار ڪندي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد چيو ته هي تعاون …

گڏيل قومون-08 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن ۽ آفريقي يونين وچ ۾ مضبوط حصيداري تي زور ڀريندي چيو آهي ته پائيدار امن صرف مقامي قيادت ۽ علائقائي تعاون سان ممڪن آهي. سلامتي ڪائونسل ۾ ” گڏيل قومن ۽ علائقائي ۽ ذيلي علائقائي تنظيمن وچ ۾ تعاون“ تي ٿيل بحث ۾ خيالن جو اظهار ڪندي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد چيو ته هي تعاون آفريقي بحرانن کي منهن ڏيڻ ۾ اهم رهيو آهي، جڏهن ته هاڻي به انهن بحرانن جو رد عمل گهڻ رخي جاگرافيائي سياحت، واپاري مفاد ۽ چونڊ انساني همدردي جي ڏس ۾ ڏٺو ويندو آهي. هن زور ڀريو ته سلامتي ڪائونسل کي ٻاهرين سطح تي مڙهيل استحڪام جي ماڊلز بدران آفريقي قيادت تحت مقامي طور تي تسليم ٿيل حل جي حمايت ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته پائيدار امن مڙهي نٿو سگهجي ان کي مقامي طور تي اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ علائقائي طور تي هٿي ڏيڻ گهرجي. هن تجويز ڏني ته آفريقي معاملن تي سلامتي ڪائونسل ۾ فيصلا سازي جي قيادت آفريقي ملڪن حوالي ڪئي وڃي ته جيئن آفريقا جي مسئلن جي حل ۾ پاڻ انهن جو آواز فيصلائتو هجي. سفير عاصم افتخار احمد ٻڌايو ته پاڪستان آفريقي ملڪن سان قراردادن، پابندين ۽ امن مشنز جي مينڊيٽ جي تجديد تي ويجهي مشاورت ڪري ٿو ۽ اتي پراڻي امن مشنز ذريعي پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.