لنڊن- 08 آڪٽوبر(اي پي پي) برطانيا جي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر چيو آهي ته ڀارت سان ويزا معاهدي تي سندس ملڪ ڪا به اڳڀرائي نه ڪندو. ميڊيا رپورٽن موجب ڀارت جي دوري لاءِ روانو ٿيڻ جي موقعي تي ويزا جي حوالي سان پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهو منصوبي جو حصو نه آهي . هن وڌيڪ چيو ته سندس دورو آزاد واپاري معاهدي مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ …
ڀارتي دوري دوران ويزا معاهدو ڳالهين جو حصو نه آهي: برطانوي وزيراعظم
لنڊن- 08 آڪٽوبر(اي پي پي) برطانيا جي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر چيو آهي ته ڀارت سان ويزا معاهدي تي سندس ملڪ ڪا به اڳڀرائي نه ڪندو. ميڊيا رپورٽن موجب ڀارت جي دوري لاءِ روانو ٿيڻ جي موقعي تي ويزا جي حوالي سان پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهو منصوبي جو حصو نه آهي . هن وڌيڪ چيو ته سندس دورو آزاد واپاري معاهدي مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ آهي جيڪو اسان اڳ کان طئه ڪري چڪا آهيون. وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر چيو ته ويزا معاهدي تائين پهچڻ جي حوالي سان ڪيل ڪوششن کي روڪيو ويو آهي. هن چيو ته هو ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سان ملاقات ۽ ڳالهين دوران ان معاملي تي ٻيهر غور ڪرڻ نه ٿو چاهي. واضع رهي ته برطانوي وزيراعظم ڀارت جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪري رهيو آهي جنهن دوران هن سان گڏ مختلف ڪاروبارن سان لاڳاپيل ٽريڊ مشن پڻ آهن جيڪي واپاري معاهدن کي اڳيان وڌائڻ لاءِ ڳالهيون ڪندا.








