پيرس ۾ چئن ڏينهن واري ميگا ڪوزين فيسٽيول ۾ پاڪستاني پويلين سڀني جي نگاهه جو مرڪز رهيو، پاڪستاني کاڌن، ثقافتي روايتن ۽ مهمان نوازي نمايان پذيرائي حاصل ڪئي

پيرس-16 سيپٽمبر (اي پي پي) پيرس ۾ چئن ڏينهن واري ميگا ڪوزين فيسٽيول ۾ پاڪستاني پويلين سڀني جي نگاهه جو مرڪز بڻجي ويو. فرانس ۾ پاڪستاني سفارتخاني، سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ ٻڌايو ته انٽرنيشنل وليج آف گيسٽرونومي پيرس جي انتظام هيٺ چئن ڏينهن واري ميگا ڪوزين فيسٽيول ۾ پاڪستاني کاڌن، ثقافتي روايتن ۽ مهمان نوازي نمايان پذيرائي حاصل ڪئي. فرانس ۽ سڄي دنيا کان هزارين …

پيرس-16 سيپٽمبر (اي پي پي) پيرس ۾ چئن ڏينهن واري ميگا ڪوزين فيسٽيول ۾ پاڪستاني پويلين سڀني جي نگاهه جو مرڪز بڻجي ويو. فرانس ۾ پاڪستاني سفارتخاني، سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ ٻڌايو ته انٽرنيشنل وليج آف گيسٽرونومي پيرس جي انتظام هيٺ چئن ڏينهن واري ميگا ڪوزين فيسٽيول ۾ پاڪستاني کاڌن، ثقافتي روايتن ۽ مهمان نوازي نمايان پذيرائي حاصل ڪئي. فرانس ۽ سڄي دنيا کان هزارين ماڻهن پاڪستاني سفارتخاني جي پويلين جو دورو ڪيو، جتي انهن کي پاڪستاني کاڌن ۽ ذائقن کان روشناس ڪرايو ويو. فيسٽيول ۾ شرڪت ڪندڙن پاڪستاني کاڌن جي لذت، مهمان نوازي ۽ منفرد کاڌن جي تياري کي ڀرپور انداز ۾ ساراهيو جنهن سان پاڪستان جي هاڪاري تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملي. سفارتخاني، پنهنجي پوسٽ ۾ هڪ وڊيو به شيئر ڪئي، جنهن ۾ شرڪت ڪندڙ پاڪستاني کاڌن جي لذت ۽ ذائقن جي تعريف ڪندي نظر آيا.

مزید خبریں