واشنگٽن -16 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ رياست ٽينيسي جي شهر ميمفس ۾ نيشنل گارڊ جا جٿا موڪلڻ واري حڪم نامي تي صحيحيون ڪري ڇڏيون. پرڏيهي ميڊيا موجب اوول آفيس ۾ حڪم نامي تي صحيحيون ڪرڻ واري موقعي تي منعقد تقريب دوران صدر ٽرمپ چيو ته اهو ٽاسڪ فورس واشنگٽن ۾ ڪيل ڪامياب آپريشن جو تسلسل آهي. هن چيو ته ان ۾ نيشنل گارڊ سان گڏوگڏ ايف …
آمريڪي صدر رياست ٽينسي جي شهر ميمفس ۾ نيشنل گارڊ موڪلڻ واري حڪم نامي تي صحيحيون ڪري ڇڏيون

مزید خبریں
واشنگٽن -16 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ رياست ٽينيسي جي شهر ميمفس ۾ نيشنل گارڊ جا جٿا موڪلڻ واري حڪم نامي تي صحيحيون ڪري ڇڏيون. پرڏيهي ميڊيا موجب اوول آفيس ۾ حڪم نامي تي صحيحيون ڪرڻ واري موقعي تي منعقد تقريب دوران صدر ٽرمپ چيو ته اهو ٽاسڪ فورس واشنگٽن ۾ ڪيل ڪامياب آپريشن جو تسلسل آهي. هن چيو ته ان ۾ نيشنل گارڊ سان گڏوگڏ ايف بي آءِ ۽ ٻيون وفاقي ايجنسيون به شامل هونديون، اهو تمام ضروري آهي ڇاڪاڻ ته اتي ڏوهه ٿي رهيا آهن. هن جو چوڻ هو ته اسان شايد ايندڙ قدم شڪاگو ۾ کڻنداسين.










