تل ابيب -16 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي، ته ڊونلڊ ٽرمپ روس ۽ يوڪرين وچ ۾ امن معاهدي لاءِ پراميد آهي، ۽ ان ڳالهه جو امڪان آهي ته هو ايندڙ هفتي پنهنجي يوڪرين جي هم منصب ولاديمير زيلنسڪي سان ملاقات ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب مارڪو روبيو چيو آهي، ته ٽرمپ روس جي صدر ولاديمير پيوٽن سان ڪيترائي ڀيرا ٽيليفون تي رابطو ڪيا آهن ۽ …
صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايندڙ هفتي زيلنسڪي سان امن ڪوششن بابت ملاقات ڪندو: آمريڪي پرڏيهي وزير

مزید خبریں
تل ابيب -16 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي، ته ڊونلڊ ٽرمپ روس ۽ يوڪرين وچ ۾ امن معاهدي لاءِ پراميد آهي، ۽ ان ڳالهه جو امڪان آهي ته هو ايندڙ هفتي پنهنجي يوڪرين جي هم منصب ولاديمير زيلنسڪي سان ملاقات ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب مارڪو روبيو چيو آهي، ته ٽرمپ روس جي صدر ولاديمير پيوٽن سان ڪيترائي ڀيرا ٽيليفون تي رابطو ڪيا آهن ۽ زيلنسڪي سان به ڪيتريون ئي ملاقاتون ڪيون آهن جن ۾ اڃا وڌيڪ هڪ ملاقات ايندڙ هفتي نيويارڪ ۾ ٿئي جتي عالمي اڳواڻ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ شريڪ ٿيندا. هن چيو ته هو ڪوشش جاري رکندو، جيڪڏهن امن ممڪن ٿيو ته هو اهو حاصل ڪري وٺندو. روبيو چيو ته صرف جولاءِ ۾ روس کي جنگ دوران 20 هزار فوجين جو نقصان کڻڻو پيو. روبيو موجب ٽرمپ منفرد حيثيت رکي ٿو ڇاڪاڻ ته هو پيوٽن ۽ زيلنسڪي ٻنهي سان گڏوگڏ يورپي اڳواڻن سان به سڌي ريت ڳالهيون ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به ريت هو ان معاملي تان هٿ کڻي وڃن يا روس تي پابنديون لڳائي چئي ڇڏي ته منهنجو ڪم ختم ته دنيا ۾ باقي ڪير به نه هوندو جيڪو جنگ جي خاتمي جي ٽياڪڙي ڪري سگهي. ٽرمپ عهدو سنڀالڻ وقت هڪ ڏينهن ۾ جنگ ختم ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ ان جو الزام جوبائيڊن تي لڳايو هو ته ان جي پاليسين روس کي يوڪرين تي حملي لاءِ آماده ڪيو جڏهن ته آمريڪا طرفان يوڪرين کي ڏنل اربين ڊالرن جي امدادي پئڪيجز کي به تنقيد جو نشانو بڻايو.










