صدر آصف علي زرداري پاران چين جي ايوي ايشن انڊسٽري ڪارپوريشن جي ايئر ڪرافٽ ڪامپليڪس جو دورو

بيجنگ-14 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين جي ايوي ايشن انڊسٽري ڪارپوريشن (اي وي آءِ سي) جي ايئر ڪرافٽ ڪامپليڪس جو دورو ڪيو جتي جي 10- سي جنگي جهاز تيار ڪيا ويندا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت هٿياربند فوج جي سپريم ڪمانڊر جي حيثيت سان ڪامپليڪس پهتو ۽ مختلف شعبن جو معائنو ڪيو. صدر آصف علي زرداري کي جي - …

بيجنگ-14 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين جي ايوي ايشن انڊسٽري ڪارپوريشن (اي وي آءِ سي) جي ايئر ڪرافٽ ڪامپليڪس جو دورو ڪيو جتي جي 10- سي جنگي جهاز تيار ڪيا ويندا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت هٿياربند فوج جي سپريم ڪمانڊر جي حيثيت سان ڪامپليڪس پهتو ۽ مختلف شعبن جو معائنو ڪيو. صدر آصف علي زرداري کي جي – 10، جي ايف 17 ۽ جي 20 – اسٽيلٿ فائٽرز سان گڏوگڏ ڊورنز، خودڪار يونٽس ۽ ملٽي ڊومين آپريشنز بابت بريفنگ ڏني وئي. هن انجنيئرز ۽ سائنسدانن سان به ملاقاتون ڪيون. صدر ان موقعي تي چيو ته جي 10 ۽ جي ايف 17 پاڪ فضائيه کي مضبوط بڻايو آهي ۽ مئي 2025ع جي حق جي ويڙهه ۽ آپريشن بنيان المرصوص ۾ انهن جهازن جي ڪارڪردگي نمايان رهي آهي. صدر اي وي آءِ سي کي چين جي اعليٰ ٽيڪنالاجي ۽ پاڪ – چين اسٽريٽجڪ حصيداري جي علامت قرار ڏنو. هو ان ڪامپليڪس جو دورو ڪرڻ وارو پهريون غير ملڪي سربراهه آهي. صدر سان گڏ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا به موجود هئا. ان موقعي تي پاڪستان جو سفير خليل هاشمي ۽ چين جو سفير جيانگ زاڊونگ به شريڪ هئا. پاڪستان دفاعي پيداوار ۽ هوابازي جي شعبي ۾ چين سان تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هي دورو ڀارت سان جنگ بندي جي 128 هين ڏينهن تي عمل ۾ آيو.

مزید خبریں