روس وانگر اسرائيل جي راندين جي ٽيمن تي به پابندي لڳائڻ گهرجي: اسپين

ميڊرڊ-12 سيپٽمبر (اي پي پي) اسپين جي راندين جي وزير پيلر اليگري اسرائيلي راندين جي ٽيمن تي بين الاقوامي مقابلن ۾ حصو وٺڻ تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق، هڪ بيان ۾، اسپين جي راندين جي وزير چيو ته اسرائيل جي راندين جي ٽيمن تي ساڳئي طرح پابندي لڳائڻ گهرجي جيئن 2022ع ۾ يوڪرين تي حملي کان پوءِ روسي ٽيمن تي پابندي لڳائي وئي هئي ۽ ائين …

ميڊرڊ-12 سيپٽمبر (اي پي پي) اسپين جي راندين جي وزير پيلر اليگري اسرائيلي راندين جي ٽيمن تي بين الاقوامي مقابلن ۾ حصو وٺڻ تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق، هڪ بيان ۾، اسپين جي راندين جي وزير چيو ته اسرائيل جي راندين جي ٽيمن تي ساڳئي طرح پابندي لڳائڻ گهرجي جيئن 2022ع ۾ يوڪرين تي حملي کان پوءِ روسي ٽيمن تي پابندي لڳائي وئي هئي ۽ ائين ڪرڻ ۾ ناڪامي کي ‘ٻٽو معيار’ قرار ڏنو. هن چيو ته ‘وولٽا اي اسپينا’ سائيڪلنگ گرانڊ ٽور ۾ اسرائيلي ٽيم پريميئر ٽيڪ جي موجودگي خلاف اسپين ۾ وڏي پئماني تي احتجاج ٿيا آهن، جڏهن ته اسپيني حڪومت غزه ۾ اسرائيل جي جارحيت کي ‘نسل ڪشي’ قرار ڏئي ٿي.

مزید خبریں