ايراني ايٽمي مواد بمباري سبب تباهه ٿيل ٺڪاڻن جي ملبي هيٺ دٻيل آهي: پرڏيهي وزير

تهران-12 سيپٽمبر (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي چيو آهي ته ايران جو ايٽمي مواد هاڻي به انهن ٺڪاڻن جي ملبي هيٺ دٻيل آهي جن کي هاڻوڪي حملن ۾ نشانو بڻايو ويو  هو ۽ اڃان تائين معائني جي حوالي سان ڪو معاهدو طئي ناهي ٿيو. پرڏيهي ميڊيا موجب هن قاهره جي دوري دوران انٽرويو ۾ ٻڌايو ته ايران جي ايٽمي توانائي تنظيم ان ڳالهه جو جائزو …

تهران-12 سيپٽمبر (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي چيو آهي ته ايران جو ايٽمي مواد هاڻي به انهن ٺڪاڻن جي ملبي هيٺ دٻيل آهي جن کي هاڻوڪي حملن ۾ نشانو بڻايو ويو  هو ۽ اڃان تائين معائني جي حوالي سان ڪو معاهدو طئي ناهي ٿيو. پرڏيهي ميڊيا موجب هن قاهره جي دوري دوران انٽرويو ۾ ٻڌايو ته ايران جي ايٽمي توانائي تنظيم ان ڳالهه جو جائزو وٺي رهي آهي ته ڇا اهو مواد حاصل ڪري سگهجي ٿو ۽ ڪهڙي حالت ۾ موجود آهي. هن چيو ته جڏهن اهو جائزو مڪمل ٿي ويندو ته هڪ رپورٽ قومي سلامتي ڪائونسل کي پيش ڪئي ويندي، جيڪا ايران جي سلامتي جي گهرجن جي بنياد تي آئنده جي قدمن جو فيصلو ڪندي. پرڏيهي وزير زور ڀريندي چيو ته اڱاري تي عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي سان ايران جي معاهدي تحت هن وقت تائين ڪو به معائنو ناهي ڪيو ويو ۽ نه ئي ان تي ڪو اتفاق ٿيو آهي. هن چيو ته هي معاهدو  تسليم ڪري ٿو ته ايجنسي سان تعاون نئين حالتن تحت هجڻ گهرجن، جيڪي سيڪيورٽي خدشن ۽ ايراني پارليامينٽ جي منظور ڪيل قانون سان جڙيل آهن. هن نشاندهي ڪئي ته هي معاهدو رڳو ان وقت تائين عمل جوڳو رهندو جيستائين ايران خلاف ڪا ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي، گڏيل قومن جي پابندين جي بحالي لاءِ اسنيپ بيڪ ميڪينزم لاڳو ڪرڻ سميت، هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن هي ميڪينزم فعال ٿيو ته هي معاهدو وڌيڪ عمل جوڳو نه رهندو ۽ ايران ان موجب رد عمل ڏيندو. هن چيو ته ايران پنهنجي يورپي هم منصبن کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ته فوجي ڪارروائي ۽ اسنيپ بيڪ ميڪينزم سان ايٽمي مسئلو حل نه ٿيندو پر ان سان صورتحال وڌيڪ ڏکي ٿي ويندي، قاهره ۾ اڱاري تي صحيحيون ٿيل ان معاهدي جو مقصد جون ۾ ايراني ايٽمي ٺڪاڻن تي اسرائيل ۽ آمريڪا جي حملن کانپوءِ تعاون لاءِ هڪ نئون فريم ورڪ قائم ڪرڻ آهي.

مزید خبریں