واشنگٽن-12 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ روسي ڊرون جي مبينه طور تي پولينڊ جي فضائي حدن ۾ داخل ٿيڻ جي واقعي تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته اهو امڪاني طور تي هڪ غلطي ٿي سگهي ٿي، پر هن ان واقعي تي پنهنجي ناراضگي جو اظهار به ڪيو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڊونلڊ ٽرمپ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اها هڪ غلطي ٿي سگهي ٿي، پر آئُون …
پولينڊ ۾ ڊرون داخل ٿيڻ امڪاني طور تي غلطي ٿي سگهي ٿي: ڊونلڊ ٽرمپ

مزید خبریں
واشنگٽن-12 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ روسي ڊرون جي مبينه طور تي پولينڊ جي فضائي حدن ۾ داخل ٿيڻ جي واقعي تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته اهو امڪاني طور تي هڪ غلطي ٿي سگهي ٿي، پر هن ان واقعي تي پنهنجي ناراضگي جو اظهار به ڪيو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڊونلڊ ٽرمپ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اها هڪ غلطي ٿي سگهي ٿي، پر آئُون ان سموري صورتحال مان خوش ناهيان نه ئي وري مون کي اهڙو ڪجهه پسند آهي. اميد آهي ته اهو سڀ جلد ختم ٿي ويندو. اهو بيان هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن يورپي اڳواڻ روس تي الزام لڳائي رهيا آهن ته انهن ڄاڻي واڻي پولينڊ جي فضائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪئي ته جيئن نيٽو جي تيارين جو امتحان وٺي سگهجي.










