لنڊن-11 سيپٽمبر (اي پي پي)برطانوي شهزاده هيري جي هڪ سال کان وڌيڪ عرصي کانپوءِ پنهنجي والد شاهه چارلز ٽئين سان لنڊن ۾ ملاقات ٿي. خابرو اداري موجب بڪنگهم پيلس شاهه چارلس ۽ شهزاده هيري جي ملاقات جي تصديق ڪئي آهي. ٻنهي ڪليئرنس هاس ۾ گڏجي ڪجهه وقت گذاريو جتي شاهه چارلس صرف ان صورت ۾ رهندو آهي ته جڏهن سندس اسپتال ۾ علاج جاري هجي. گذريل ڏينهن منجهند جو شهزاده …
شهزاده هيري جي هڪ سال کانپوءِ والد شاهه چارلس سان چانهه تي ملاقات

مزید خبریں
لنڊن-11 سيپٽمبر (اي پي پي)برطانوي شهزاده هيري جي هڪ سال کان وڌيڪ عرصي کانپوءِ پنهنجي والد شاهه چارلز ٽئين سان لنڊن ۾ ملاقات ٿي. خابرو اداري موجب بڪنگهم پيلس شاهه چارلس ۽ شهزاده هيري جي ملاقات جي تصديق ڪئي آهي. ٻنهي ڪليئرنس هاس ۾ گڏجي ڪجهه وقت گذاريو جتي شاهه چارلس صرف ان صورت ۾ رهندو آهي ته جڏهن سندس اسپتال ۾ علاج جاري هجي. گذريل ڏينهن منجهند جو شهزاده هيري کي بڪنگهم محل ويجهو واقعي ڪليئرنس هائوس ۾ داخل ٿيندي ڏٺو ويو، جڏهن ته والد سان گڏ اٽڪل هڪ ڪلاڪ جي ملاقات کانپوءِ هو روانو ٿي ويو. واضح رهي ته شهزاده هيري ۽ گهرواريءَ ميگهن مرڪل جي 2020ع ۾ شاهي خاندان سان عليحدي کانپوءِ والد ۽ پٽ وچ ۾ ويڇا وڌي ويا هئا.










