ڀارت ۾ هندو پرست جنون راندين کي به پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو، ڀارتي سپريم ڪورٽ ۾ ايشيا ڪپ جو پاڪ ڀارت ميچ نه ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل

نئين دهلي-11 سيپٽمبر (اي پي پي) ڀارت ۾ وڌندڙ هندو پرست جنون راندين کي به پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو، ڀارتي سپريم ڪورٽ ۾ هڪ درخواست داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ پاڪ ڀارت وچ ۾ 14 سيپٽمبر تي دبئي ۾ ٿيندڙ ايشيا ڪپ ٽي 20 ميچ نه ڪرائڻ جي درخواست ڪرائي وئي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب سپريم ڪورٽ ۾ اروشي جين جي سربراهي ۾ 4 لا اسٽوڊنٽس طرفان …

نئين دهلي-11 سيپٽمبر (اي پي پي) ڀارت ۾ وڌندڙ هندو پرست جنون راندين کي به پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو، ڀارتي سپريم ڪورٽ ۾ هڪ درخواست داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ پاڪ ڀارت وچ ۾ 14 سيپٽمبر تي دبئي ۾ ٿيندڙ ايشيا ڪپ ٽي 20 ميچ نه ڪرائڻ جي درخواست ڪرائي وئي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب سپريم ڪورٽ ۾ اروشي جين جي سربراهي ۾ 4 لا اسٽوڊنٽس طرفان عوامي مفادن جي هڪ درخواست داخل ڪئي وئي آهي، درخواست ۾ پهلگام حملي ۽ نام نهاد آپريشن سندور جو حوالو ڏنو ويو ۽ دليل ڏنو ويو ته پاڪستان سان راندين جا مقابلا منعقد ڪرڻ قومي وقار ۽ عوامي جذبن سان هڪجهڙائي نٿا رکن. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڪرڪيٽ کي قومي مفاد، شهرين جي جانين ۽ هٿياربند فوج جي قربانين تي فوقيت نٿي ڏئي سگهجي. درخواست ڪندڙن نيشنل اسپورٽس گورننس ايڪٽ 2025ع لاڳو ڪرڻ جي پڻ درخواست ڪئي آهي.

مزید خبریں