نيويارڪ- 10 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل پنهنجو نئون آءِ فون ايئر متعارف ڪرايو آهي جيڪو هن وقت تائين جو پرو پرفارمنس سان سڀني کان سنهڙو آءِ فون آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪمپني پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته ان جي شروعاتي قيمت 999 ڊالر رکي وئي آهي ۽ اها اسپيس بليڪ، ڪلائوڊ وائٽ، لائٽ گولڊ ۽ اسڪائي بليو رنگن ۾ دستياب هوندو، اسٽوريج 256 جي بي جڏهن …
ايپل انتهائي سنهڙو آءِ فون ايئر متعارف ڪرائي ڇڏيو

مزید خبریں
نيويارڪ- 10 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل پنهنجو نئون آءِ فون ايئر متعارف ڪرايو آهي جيڪو هن وقت تائين جو پرو پرفارمنس سان سڀني کان سنهڙو آءِ فون آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪمپني پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته ان جي شروعاتي قيمت 999 ڊالر رکي وئي آهي ۽ اها اسپيس بليڪ، ڪلائوڊ وائٽ، لائٽ گولڊ ۽ اسڪائي بليو رنگن ۾ دستياب هوندو، اسٽوريج 256 جي بي جڏهن ته 512 جي بي ۽ 1 ٽي بي ماڊلز جا آپشنز به دستياب آهن. ايپل جو چوڻ آهي ته آءِ فون ايئر هڪ ناقابل يقين حد تائين سنهي ۽ هلڪي ڊيزائن سان آيو آهي جيڪو ڪنهن به گذريل ماڊل کان وڌيڪ مضبوط آهي، ان ۾ جديد ڪيمرا فيچرز ۽ شاندار بيٽري لائف ڏني وئي آهي. ايپل جي سي اي او ٽم ڪڪ چيو ته اها آءِ فون جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي اڳڀرائي آهي.










