نئين دهلي- 10 سيپٽمبر (اي پي پي) 7 ڏينهن واريون گهڻ رخي فوجي مشقون روس ۾ شروع ٿي ويون. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق 16 سيٽمبر تائين جاري رهندڙ انهن فوجي مشقن ۾ روس، آرمينيا، بيلاروس، قازقستان، ڪرغستان، تاجڪستان ۽ ڀارت شريڪ آهن. اهي ملڪ ڪليڪٽو سيڪيورٽي ٽريٽي آرگنائزيشن (سي ايس ٽي او) جا رڪن آهن. ان فوجي مشقن ۾ گڏيل سهڪار کي بهتر بڻائڻ ۽ روايتي جنگ ۽ دهشتگردي …
ستن ڏينهن واريون گهڻ رخي مشقون روس ۾ شروع ٿي ويون، روس، آرمينيا، بيلاروس، قازقستان، ڪرغستان، تاجڪستان ۽ ڀارت شريڪ

مزید خبریں
نئين دهلي- 10 سيپٽمبر (اي پي پي) 7 ڏينهن واريون گهڻ رخي فوجي مشقون روس ۾ شروع ٿي ويون. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق 16 سيٽمبر تائين جاري رهندڙ انهن فوجي مشقن ۾ روس، آرمينيا، بيلاروس، قازقستان، ڪرغستان، تاجڪستان ۽ ڀارت شريڪ آهن. اهي ملڪ ڪليڪٽو سيڪيورٽي ٽريٽي آرگنائزيشن (سي ايس ٽي او) جا رڪن آهن. ان فوجي مشقن ۾ گڏيل سهڪار کي بهتر بڻائڻ ۽ روايتي جنگ ۽ دهشتگردي جي روڪٿام وارين ڪارروائين جي شعبن ۾ حڪمت عملين، ٽيڪنيڪن ۽ طريقڪار جي ڏي وٺ لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. ڀارتي دفاع واري وزارت مطابق ڀارتي هٿياربند فوج جي 65 اهلڪارن تي ٻڌل جٿا گذريل ڏينهن نزني جي ملينو ٽريننگ گرائونڊ ۾ منعقد ٿيندڙ مشقن ۾ شرڪت لاءِ روس روانو ٿي ويا هئا.










