پولينڊ پاران بيلاروس سان سرحد بند ڪرڻ جو اعلان

وارسا-10 سيپٽمبر (اي پي پي) پولينڊ پنهنجي قومي سلامتي جي سببن جي ڪري بيلاروس سان پنهنجي سرحد مڪمل طور تي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا  مطابق، اهو قدم خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات کان لاڳو ٿيندو. پولينڊ جي وزيراعظم ڊونلڊ ٽسڪ هڪ سرڪاري اجلاس کان اڳ اعلان ڪيو ته قومي سلامتي جي سبب اسان بيلاروس سان سرحد بند ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ ريلوي ڪراسنگ به شامل …

وارسا-10 سيپٽمبر (اي پي پي) پولينڊ پنهنجي قومي سلامتي جي سببن جي ڪري بيلاروس سان پنهنجي سرحد مڪمل طور تي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا  مطابق، اهو قدم خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات کان لاڳو ٿيندو. پولينڊ جي وزيراعظم ڊونلڊ ٽسڪ هڪ سرڪاري اجلاس کان اڳ اعلان ڪيو ته قومي سلامتي جي سبب اسان بيلاروس سان سرحد بند ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ ريلوي ڪراسنگ به شامل آهي. وڌيڪ چيو ويو ته اها بندش سڀني سرحدي ڪراسنگن تي لاڳو ٿيندي، خاص طور تي ريلوي رستن تي ڪئي وئي آهي . هن فيصلي جي جواب ۾، بيلاروس، پولينڊ جي ان قدم تي سخت احتجاج ڪيو آهي، جيڪو روس-بيلاروس جي گڏيل فوجي مشق "زپاد-2025” دوران سامهون آيو. بيلاروس جي پرڏيهي وزارت چيو ته پولينڊ جي وقتي سفير ڪرزيشٽوف اوزانا کي باضابطه احتجاج درج ڪرائڻ لاءِ طلب ڪيو ويو آهي. بيلاروس جي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته پولينڊ جو هي هڪ طرفو قدم يورپي يونين-بيلاروس جي سرحد تي انساني ۽ واپاري حرڪت کي سخت متاثر ڪندو.

مزید خبریں