کٽمنڊو- 10 سيپٽمبر (اي پي پي) نيپال ۾ حڪمران طبقي جي بدعنواني ۽ عوامي مسئلن سبب غفلت خلاف نوجوانن جي ملڪ گير پر تشدد مظاهرن دوران جيلن تي حملن جي نتيجي ۾ ڪيترائي قيدي فرار ٿي ويا آهن. پرڏيهي نشرياتي اداري جي رپورٽ مطابق نيپال ۾ پرتشدد احتجاجي مظاهرن دوران ٻن وڏن جيلن تي حملن جو اطلاع مليو آهي. ڪاسڪي ضلعي ۾ پوليس تصديق ڪئي آهي ته مظاهرو ڪندڙن طرفان …
نيپال ۾ حڪمران طبقي خلاف مظاهرن دوران جيلن تي حملا، ڪيترائي قيدي فرار

مزید خبریں
کٽمنڊو- 10 سيپٽمبر (اي پي پي) نيپال ۾ حڪمران طبقي جي بدعنواني ۽ عوامي مسئلن سبب غفلت خلاف نوجوانن جي ملڪ گير پر تشدد مظاهرن دوران جيلن تي حملن جي نتيجي ۾ ڪيترائي قيدي فرار ٿي ويا آهن. پرڏيهي نشرياتي اداري جي رپورٽ مطابق نيپال ۾ پرتشدد احتجاجي مظاهرن دوران ٻن وڏن جيلن تي حملن جو اطلاع مليو آهي. ڪاسڪي ضلعي ۾ پوليس تصديق ڪئي آهي ته مظاهرو ڪندڙن طرفان جيل تي حملو ڪرڻ بعد منجهد وقت 773 قيدي فرار ٿي ويا ،هڪ ٻئي واقعي ۾ تلسي پور ڊانگ صوبي ۾ مقامي پوليس ٻڌايو ته تلسي پور جيل تي حملي بعد 127 قيدي فرار ٿي ويا. مقامي ميڊيا ملڪ جي مختلف حصن ۾ جيلن مان قيدين جي امڪاني فرار ٿيڻ جو به اطلاع ڏنو آهي پر فوري طورتي ان اطلاع جي تصديق ناهي ٿي سگهي.










