کٽمنڊو - 10 سيپٽمبر (اي پي پي) نيپال ۾ نوجوانن حڪومت مخالف مظاهرن دوران اڳوڻي وزيراعظم جهلاناٿ کنال جي گهر کي به باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ سندس زال راجيا لڪشمي چترڪاري به فوت ٿي وئي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق مبينا طور تي مظاهرو ڪندڙن اڳوڻي وزيراعظم جي گهر تي حملي دوران گهر ۾ موجود ماڻهن جا ٻاهر نڪرڻ جا رستا بند ڪري ڇڏيا ۽ بعد …
نيپال ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندڙن اڳوڻي وزيراعظم جهلاناٿ کنال جي گهر کي به باهه ڏئي ڇڏي، زال راجيا لڪشمي چترڪاري فوت

مزید خبریں
کٽمنڊو – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) نيپال ۾ نوجوانن حڪومت مخالف مظاهرن دوران اڳوڻي وزيراعظم جهلاناٿ کنال جي گهر کي به باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ سندس زال راجيا لڪشمي چترڪاري به فوت ٿي وئي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق مبينا طور تي مظاهرو ڪندڙن اڳوڻي وزيراعظم جي گهر تي حملي دوران گهر ۾ موجود ماڻهن جا ٻاهر نڪرڻ جا رستا بند ڪري ڇڏيا ۽ بعد ۾ باهه ڏئي ڇڏي. اڳوڻي وزيراعظم جي گهر واري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هو علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي. سندس خانداني ذريعن سندس موت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي پر نيپال جي سرڪاري اختيارين طرفان هن وقت تائين ان حوالي سان ڪو بيان جاري ناهي ڪيو ويو.










