رياض – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪويت جي امير شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح بيان پيلس ۾ سعودي عرب جي مملڪتي وزير، ڪابينا جي ميمبر شهزاده ترڪي بن محمد بن فهد بن عبدالعزيز جي آجيان ڪئي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق سعودي عرب جي وزير ڪويت جي امير کي شاهه سلمان ۽ ولي عهد طرفان نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي ڀائراڻن لاڳاپن ۽ انهن کي …
ڪويت جي امير جي سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم سان ملاقات، ڀائراڻن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
رياض – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪويت جي امير شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح بيان پيلس ۾ سعودي عرب جي مملڪتي وزير، ڪابينا جي ميمبر شهزاده ترڪي بن محمد بن فهد بن عبدالعزيز جي آجيان ڪئي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق سعودي عرب جي وزير ڪويت جي امير کي شاهه سلمان ۽ ولي عهد طرفان نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي ڀائراڻن لاڳاپن ۽ انهن کي ترقي ڏيارڻ جي طريقن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڪويت ۾ سعودي سفير شهزاده سلطان بن سعد بن خالد به موجود هو. ان کان علاوه سعودي وزير ڪويت جي ولي عهد شيخ صباح خالد الحمد الصباح ۽ ڪويت جي وزيراعظم شيخ احمد عبدالله الاحمد الصباح سان به ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سهڪار جي رخن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن ۽ انهن کي ترقي ڏيارڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.










