واشنگٽن -08 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ يوم دفاع پاڪستان جي اهميت ۽ آپريشن بنيان المرصوص جي پائيدار روح کي اجاگر ڪندي چيو آهي، ته اهو ڏينهن ڏکڻ ايشيائي قوم جي عزم، استقلال، ۽ فوج جي شجاعت جي نشاني آهي. اها ڳالهه هن آمريڪي شهر شڪاگو ۾ پاڪستاني قونصل جنرل طارق ڪريم پاران ڏنل مانجهاندي کي خطاب ڪندي چئي. تقريب ۾ پاڪستاني برادري …
يوم دفاع پاڪستاني قوم جي عزم، حوصلي ۽ فوج جي جرئت ۽ بهادري جي نشاني آهي: سفير رضوان سعيد شيخ

مزید خبریں
واشنگٽن -08 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ يوم دفاع پاڪستان جي اهميت ۽ آپريشن بنيان المرصوص جي پائيدار روح کي اجاگر ڪندي چيو آهي، ته اهو ڏينهن ڏکڻ ايشيائي قوم جي عزم، استقلال، ۽ فوج جي شجاعت جي نشاني آهي. اها ڳالهه هن آمريڪي شهر شڪاگو ۾ پاڪستاني قونصل جنرل طارق ڪريم پاران ڏنل مانجهاندي کي خطاب ڪندي چئي. تقريب ۾ پاڪستاني برادري جي مشهور شخصيتن ۽ چونڊيل عوامي نمائندن سميت آمريڪي ڪانگريس ميمبر جوناٿن جيڪسن ۽ شڪاگو سٽي ٽريزرر ميليسا ڪونيئرز ارون شرڪت ڪئي. سفير رضوان سعيد شيخ پاڪستان جي اهم قومي رخن ۽ ڪاميابين تي روشني وڌي. هن پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپن جي مختلف رخن خاص ڪري معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ سهڪار جي اهميت ۽ امڪانن کي اجاگر ڪيو. رضوان سعيد شيخ پاڪستاني ڄاون امريڪي ڪميونٽي جي ڪردارن کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ پل قرار ڏيندي انهن جي خدمتن جي واکاڻ ڪئي. هن قونصل جنرل طارق ڪريم جي خدمتن کي پڻ خراج تحسين پيش ڪيو. ان کان اڳ قونصل جنرل طارق ڪريم پاڪستاني سفير جي آجيان ڪندي، قونصل خاني جي ترجيحن ۽ تازين ڪاميابين تي روشني وڌي، هن آمريڪا جي مڊ ويسٽ خطي م پاڪستان سان وڌندڙ سيڙپڪاري، واپار ۽ عوامي رابطن کي اجاگر ڪيو. ان موقعي تي قونصل جنرل طارق ڪريم پي اي سي سي سي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ پي اي سي سي سي جي قيادت جي خدمتن جي واکاڻ ڪئي. هن آمريڪا جي مڊ ويسٽ خطي ۾ پاڪستان جي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تيزي سان وڌندڙ رابطن جو ذڪر ڪندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته قونصل خانو آمريڪا جي مڊ ويسٽ ۾ واپاري رابطن کي وڌائڻ، پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن جي رهنمائي ڪرڻ ۽ پاڪستان ۾ مستند شراڪتدارن سان رابطا قائم ڪرڻ لاءِپرعزم آهي.










