ڀارت امڪاني دهشتگردي جي خطري جي پروپيگنڊا ڪري هڪ ٻئي فالس فليگ آپريشن جي تياري ڪري رهيو آهي: رپورٽ

سرينگر -08 سيپٽمبر (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مبصرن خبردار ڪيو آهي ته ڀارت پاڪستان کي بدنام ڪرڻ لاءِ هڪ ٻي فالس فليگ آپريشن جي تياري ڪري رهيو آهي، ڀارتي ميڊيا ان لاءِ امڪاني دهشتگردي جي خطري جي پروپيگنڊا ڪري ملڪ ۾ پاڪستان دشمن ماحول پيدا ڪري رهيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڀارت ماضي ۾ پڻ ان قسم جي بيانن کي …

سرينگر -08 سيپٽمبر (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مبصرن خبردار ڪيو آهي ته ڀارت پاڪستان کي بدنام ڪرڻ لاءِ هڪ ٻي فالس فليگ آپريشن جي تياري ڪري رهيو آهي، ڀارتي ميڊيا ان لاءِ امڪاني دهشتگردي جي خطري جي پروپيگنڊا ڪري ملڪ ۾ پاڪستان دشمن ماحول پيدا ڪري رهيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڀارت ماضي ۾ پڻ ان قسم جي بيانن کي ڪيترائي ڀيرا استعمال ڪيو  جنهن ۾ خاص طور تي پلوامه، اوڙي ۽ پهلگام جا واقعا شامل آهن جڏهن ته پاڪستان خلاف اڳرائيءَ جو جواز پيدا ڪرڻ لاءِ هن پنهنجي فوجين ۽ شهرين کي به قرباني جو ٻڪرو بڻايو. تجزيو ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ڀارت وڏن دعوائن  باوجود ڪڏهن به مبينه حملو ڪندڙن  جا ثبوت يا لاش سامهون نه آندا جنهن سان اهي ڪاروايون واضح طور تي سياسي فائدو  حاصل ڪرڻ لاءِ فالس فليگ آپريشن لڳن ٿيون. ڪشميري سياسي حلقن جو موقف آهي ته دهشتگردي جي خطري جي پروپيگنڊا جو مقصد چونڊن کان اڳ ماڻهن کي گمراه ڪرڻ ۽ والاريل علائقي ۾ ڀارت طرفان جاري انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين تان عالمي  ڌيان هٽائڻ آهي.

مزید خبریں