ماسڪو -08 سيپٽمبر (اي پي پي) روس افغانستان جي زلزلي متاثرن لاءِ وڌيڪ امداد رواني ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق روس جي ايمرجنسيز منسٽري پنهنجي ٽيليگرام چئنل تي پوسٽ ۾ چيو آهي، ته سندن ملڪ افغانستان لاءِ ٻيو امدادي پئڪيج موڪليو آهي. هڪ اڏام ذريعي افغانستان ۾ زلزلي متاثرن لاءِ پئڪيج ڪيو ۽ ٻيو امدادي پئڪيج 20 ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ خيما ۽ ڪمبل کڻي مقامي هوائي اڏي تان روانو …
روس افغانستان ۾ زلزلي متاثرن لاءِ وڌيڪ امداد رواني ڪري ڇڏي

مزید خبریں
ماسڪو -08 سيپٽمبر (اي پي پي) روس افغانستان جي زلزلي متاثرن لاءِ وڌيڪ امداد رواني ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق روس جي ايمرجنسيز منسٽري پنهنجي ٽيليگرام چئنل تي پوسٽ ۾ چيو آهي، ته سندن ملڪ افغانستان لاءِ ٻيو امدادي پئڪيج موڪليو آهي. هڪ اڏام ذريعي افغانستان ۾ زلزلي متاثرن لاءِ پئڪيج ڪيو ۽ ٻيو امدادي پئڪيج 20 ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ خيما ۽ ڪمبل کڻي مقامي هوائي اڏي تان روانو ٿيو. بيان موجب اها امداد روس جي صدر ولاديمير پيوٽن جي حڪمن ۽ حڪومت جي هدايت موجب افغانستان روانو ڪئي وئي. روس طرفان افغانستان ۾ زلزلي متاثرن لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي پهرين 20 ميٽرڪ ٽن کيپ 5 سيپٽمبر تي رواني ڪئي وئي هئي.










