واشنگٽن-08 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ روسي هم منصب ولاديميرپيوٽن سان ٽيليفون تي ڳالهائڻ جي توقع رکي ٿو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن جو چوڻ هو ته يوڪرين تڪرار جي حل لاءِ ٻنهن ملڪن جي قيادت جلد رابطي ۾ ايندي. اينڊريوز ايئرفورس بيس تي صحافين سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ هو روسي صدر سان …
روسي هم منصب سان ٽيليفونڪ رابطي جي اميد آهي: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ

مزید خبریں
واشنگٽن-08 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ روسي هم منصب ولاديميرپيوٽن سان ٽيليفون تي ڳالهائڻ جي توقع رکي ٿو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن جو چوڻ هو ته يوڪرين تڪرار جي حل لاءِ ٻنهن ملڪن جي قيادت جلد رابطي ۾ ايندي. اينڊريوز ايئرفورس بيس تي صحافين سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ هو روسي صدر سان رابطو ڪندو ۽ مسئلي جو حل ڪڍندو. هن جو چوڻ هو ته کيس يقين آهي ته روس – يوڪرين تڪرار جي حل جي ڪوشش ڪامياب ٿيندي ۽ مون کي يقين آهي ته اسان ان کي مڪمل ڪنداسين. ٻئي طرف جڏهن هڪ رپورٽر وائيٽ هائوس کان نيويارڪ لاءِ روانگي کان اڳ هن کان پڇيو ته ڇا هو روس تي پابندين جي ٻئي مرحلي لاءِ تيار آهي، ته آمريڪي صدر مختصر جواب ڏيندي چيو ته، "ها، مان تيار آهيان.” هن ان بابت وڌيڪ تفصيل نه ٻڌايا.










