فرانس فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جي فيصلي تي غور ڪري: اسرائيل

تل ابيب - 05 سيپٽمبر (اي پي پي) اسرائيل جي پرڏيھي وزير گيڊون سار فرانسيي ھم منصب جين نوئل بيروٽ سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ان مطالبي کي ورجايو ته فرانس فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جي پنھنجي فيصلي کي واپس وٺي. پرڏيھي ميڊيا مطابق اسرائيل، فرانس جي ان اعلان مان ناخوش آھي ته فرانس جنرل اسيمبلي جي متوقع اجلاس ۾ فلسطيني رياست کي تسليم ڪندو. فرانس جي ان اعلان …

تل ابيب – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) اسرائيل جي پرڏيھي وزير گيڊون سار فرانسيي ھم منصب جين نوئل بيروٽ سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ان مطالبي کي ورجايو ته فرانس فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جي پنھنجي فيصلي کي واپس وٺي. پرڏيھي ميڊيا مطابق اسرائيل، فرانس جي ان اعلان مان ناخوش آھي ته فرانس جنرل اسيمبلي جي متوقع اجلاس ۾ فلسطيني رياست کي تسليم ڪندو. فرانس جي ان اعلان کانپوءِ برطانيا، ڪينيڊا ۽ آسٽريليا به ساڳيو اعلان ڪيو آھي. اسرائيل ۽ آمريڪا  ٻئي ملڪ، انھن ملڪن کي فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ کان روڪڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪري رھيا آھن. اسرائيل جي پرڏيھي وزير پنھنجي ھم منصب کي فون ڪال تي چيو ته جيستائين فرانس، فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو نه ٿو تبديل ڪري، فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون جي اسرائيلي دوري جو ڪو امڪان نه ٿو ٿي سگھي.

مزید خبریں