نائيجيريا ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 60 ماڻهو فوت

ابوجا – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) نائيجيريا جي مرڪزي رياست نيچر ۾ هڪ ٻيڙي حادثي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 60 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته درجنين کي زنده بچايو ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اها ڳالهه مقامي اختيارين ٻڌائي. بورگو مقامي حڪومت جي چيئرمين عبدالله بابا آرا چيو ته مسافرن سان ڀريل هڪ ٻيڙي وڻ جي ٿڙ سان ٽڪرائجڻ سبب اونڌي ٿي پئي ۽ ٻيڙي …

ابوجا – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) نائيجيريا جي مرڪزي رياست نيچر ۾ هڪ ٻيڙي حادثي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 60 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته درجنين کي زنده بچايو ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اها ڳالهه مقامي اختيارين ٻڌائي. بورگو مقامي حڪومت جي چيئرمين عبدالله بابا آرا چيو ته مسافرن سان ڀريل هڪ ٻيڙي وڻ جي ٿڙ سان ٽڪرائجڻ سبب اونڌي ٿي پئي ۽ ٻيڙي حادثي ۾ فوت ٿيلن جو انگ 60 ٿي ويو آهي. اهو انگ وڌي سگهي ٿو. هن ٻڌايو ته 10 ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جڏهن ته ڪيترائي اڃان به گم آهن. نائيجيريا اسٽيٽ ايمرجنسي منيجمينٽ ايجنسي مطابق ريسڪيو ٽيمون ۽ مقامي ٽوٻا متاثرن جي ڳولا ۾ مصروف آهن.

مزید خبریں