ولادي ووستڪ-04 سيپٽمبر (اي پي پي) روس يورپي ملڪن کي گئس جي روانگي واپار معطل ٿيڻ جو متبادل ڳولي ورتو آهي ۽ هاڻي هو چين کي سالياني 106 بلين ڪيوبڪ ميٽر گئس برآمد ڪندو. ان سلسلي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاهدي تي صحيحيون ٿي ويون. پرڏيهي ميڊيا موجب روس جي توانائي واري وزير ٻڌايو ته صدر ولادي مير پيوٽن جي چين جي دوري جي نتيجي ۾ روس ۽ چين …
روس گئس جي روانگي واپار لاءِ يورپي ملڪن جو متبادل ڳولي ورتو، چين کي سالياني 106 بلين ڪيوبڪ ميٽر گئس برآمد ڪرڻ وارن معاهدن تي صحيحيون

مزید خبریں
ولادي ووستڪ-04 سيپٽمبر (اي پي پي) روس يورپي ملڪن کي گئس جي روانگي واپار معطل ٿيڻ جو متبادل ڳولي ورتو آهي ۽ هاڻي هو چين کي سالياني 106 بلين ڪيوبڪ ميٽر گئس برآمد ڪندو. ان سلسلي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاهدي تي صحيحيون ٿي ويون. پرڏيهي ميڊيا موجب روس جي توانائي واري وزير ٻڌايو ته صدر ولادي مير پيوٽن جي چين جي دوري جي نتيجي ۾ روس ۽ چين سالياني 106 بلين ڪيوبڪ ميٽر گئس جي فراهمي بابت دستاويزن تي صحيحيون ڪيون. هن چيو ته معاهدن موجب اسان چين کي سالياني 106 بلين ڪيوبڪ ميٽر گئس فراهم ڪندا. هي يورپ جي اسان جي فراهمي جو هڪ تمام وڏو متبادل آهي جنهن کي يورپي حصيدارن پنهنجي طور رد ڪري ڇڏيو آهي.










