لنڊن-04 سيپٽمبر (اي پي پي)آچر جي رات مڪمل چنڊ گرهڻ ٿيندو جيڪو سڄي ايشيا سان گڏوگڏ يورپ ۽ آفريقا جي مختلف حصن ۾ ڏسي سگهبو، پاڪستان ۾ چنڊ گرهڻ رات جو ساڍا 10 وڳي کان 11 لڳي 52 منٽن تائين ڏسي سگهبو. ان موقعي تي ايشيا سان گڏوگڏ يورپ ۽ آفريقا جي مختلف حصن ۾ ماڻهن کي مڪمل چنڊ گرهڻ دوران ”بلڊ مون“ ڏسڻ جو موقعو ملندو. پرڏيهي ميڊيا موجب …
آچر جي رات مڪمل چنڊ گرهڻ هوندو، پاڪستان ۾ رات ساڍا 10 وڳي کان 11 لڳي 52 منٽن تائين ڏسي سگهبو

مزید خبریں
لنڊن-04 سيپٽمبر (اي پي پي)آچر جي رات مڪمل چنڊ گرهڻ ٿيندو جيڪو سڄي ايشيا سان گڏوگڏ يورپ ۽ آفريقا جي مختلف حصن ۾ ڏسي سگهبو، پاڪستان ۾ چنڊ گرهڻ رات جو ساڍا 10 وڳي کان 11 لڳي 52 منٽن تائين ڏسي سگهبو. ان موقعي تي ايشيا سان گڏوگڏ يورپ ۽ آفريقا جي مختلف حصن ۾ ماڻهن کي مڪمل چنڊ گرهڻ دوران ”بلڊ مون“ ڏسڻ جو موقعو ملندو. پرڏيهي ميڊيا موجب جڏهن سج، زمين ۽ چنڊ هڪٻئي جي قطار ۾ اچي ويندا آهن ته زمين جي طرف کان چنڊ جي پوندڙ پاڇو چنڊ کي هڪ خوفناڪ گهري ڳاڙهي رنگ جو ڏيکاري ٿو. هي هڪ اهڙو منظر هوندو آهي جنهن صدين کان انسان کي حيران ڪري رکيو آهي. رپورٽ موجب ڀارت ۽ چين سميت ايشيا ۾ آچر جي مڪمل چنڊگرهڻ کي ڏسڻ لاءِ بهترين هنڌ هوندو. اهو چنڊ گرهڻ آفريقا جي اوڀر ڪناري سان گڏوگڏ اولهه آسٽريليا ۾ به ڏسي سگهجي ٿو، مڪمل چنڊ گرهڻ برطانوي وقت موجب شام 5 لڳي 30 منٽن کان 6 لڳي 52 منٽن تائين ڏسي سگهجي ٿو. اهو پاڪستان ۾ 10 لڳي 30 منٽن کان 11 لڳي 52 منٽن تائين جو وقت هوندو. يورپ ۽ آفريقا ۾ جزوي چنڊ گرهڻ ڏسڻ جو هڪ مختصر موقعو ملندو. جڏهن ته آمريڪا ان کان محروم رهندو. آخري مڪمل چنڊ گرهڻ هلندڙ سال مارچ ۾ ٿيو هو، جڏهن ته ان کان اڳ 2022ع ۾ ٿيو هو، فلڪيات جي ماهرن موجب ناياب مڪمل سج گرهڻ 12 آگسٽ 2026ع تي يورپ جي ڪجهه حصن ۾ نظر ايندو جيڪو اپريل 2024ع ۾ سڄي اتر آمريڪا ۾ لڳندڙ سج گرهڻ کانپوءِ پهريون مڪمل سج گهرڻ هوندو.










