چين افغانستان کي زلزلي متاثرن لاءِ امدادي فنڊ فراهم ڪري ڇڏيا

ڪابل -03 سيپٽمبر (اي پي پي) افغانستان ۾ چيني سفارتخاني جي ناظم الامور باشو هوئي افغانستان جي نيشنل ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي جي انتظاميه بابت جنرل ڊائريڪٽر  محمد عالم علميار سان ملاقات ڪئي ۽ زلزلي متاثرن لاءِ چيني سفارتخاني، چيني ادارن ۽ اوورسيز چائنيز ايسوسيئيشن طرفان ڏنل امدادي رقم ۽ سامان  حوالي ڪيو. پرڏيهي ميڊيا موجب چيني ناظم الامور باشو هوئي گذريل ڏينهن ملاقات دوران چيو ته افغانستان جي صوبي ڪنڙ …

ڪابل -03 سيپٽمبر (اي پي پي) افغانستان ۾ چيني سفارتخاني جي ناظم الامور باشو هوئي افغانستان جي نيشنل ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي جي انتظاميه بابت جنرل ڊائريڪٽر  محمد عالم علميار سان ملاقات ڪئي ۽ زلزلي متاثرن لاءِ چيني سفارتخاني، چيني ادارن ۽ اوورسيز چائنيز ايسوسيئيشن طرفان ڏنل امدادي رقم ۽ سامان  حوالي ڪيو. پرڏيهي ميڊيا موجب چيني ناظم الامور باشو هوئي گذريل ڏينهن ملاقات دوران چيو ته افغانستان جي صوبي ڪنڙ ۽ ٻين صوبن ۾ تازي شديد زلزلي سبب وڏو جاني ۽ مالي نقصان پهتو جنهن تي چيني عوام کي ڏک آهي.هن چيو ته چيني سفارتخاني، ادارن ۽ افغانستان ۾ رهندڙ چيني شهرين جي ايسوسيئيشن فوري طور تي امدادي رقم ۽ سامان گڏ ڪيو ته جيئن متاثرن جي مدد ڪري سگهجي. ان موقعي تي افغانستان جي نيشنل ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي جي انتظاميه بابت جنرل ڊائريڪٽر فنڊ فراهم ڪرڻ تي چين جو ٿورو مڃيو ۽ افغانستان ۾ زلزلي سبب ٿيل تباهي ۽ امدادي سرگرمين تي بريفنگ ڏني.

مزید خبریں