بيجنگ-03 سيپٽمبر (اي پي پي) چين پنهنجو پهريون سائنسي پاپولرائزيشن مهينو شروع ڪري ڇڏيو، جنهن تحت سموري ملڪ ۾ 30 ڏينهن سائنسي سرگرمين جو جشن ملهايو ويندو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اهو پروگرام چائنا ايسوسي ايشن فار سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي انتظام هيٺ منعقد ٿي رهيو آهي. جنهن ۾ سائنسي نواڻ جي ڪاميابين، سائنسدانن جي خدمتن ۽ سائنسي جذبي کي اجاگر ڪيو ويندو ته جيئن عوام تائين  سائنس کي وڌيڪ بامعنى ۽ قابل انداز ۾ پهچائي سگهجي. افتتاحي تقريب بيجنگ ۾ نيشنل ڪميونيڪشن سينٽر فار سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۽ چائنا سائنس ٽيڪنالاجي ميوزيم ۾ منعقد ٿي. سيپٽمبر  مهيني  ۾ 100  کان وڌيڪ نمائشون ۽ سرگرميون ٿينديون جن ۾ هڪ خاص نمائش به شامل آهي جيڪا چين جي انهن سائنسدانن کي خراج تحسين پيش ڪندي جن جاپاني جارحيت خلاف  عوامي جنگ دوران خدمتون سرانجام ڏنيون . اها تقريب جنگ ۾ فتح جي 80 هين سالگره جي موقعي تي منعقد ڪئي پئي وڃي. واضح رهي ته چين جو نئون سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پاپولرائزيشن قانون جيڪو 25 ڊسمبر 2024 ع کان لاڳو ٿيو، سيپٽمبر تي هر سال قومي سائنس پاپولرائزيشن مهينو قرار ڏنو آهي .