ڪابل – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) افغانستان ۾ شديد زلزلي سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 812 ٿي ويو جڏهن ته 2800 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. افغان خابرو اداري موجب زلزلي کان پوءِ هن وقت تائين ڪيترائي آفٽر شاڪس اچي چڪا آهن. افغان حڪومت جي ترجمان ڪابل ۾ ميڊيا کي ٻڌايو ته صوبي ڪنٽر جي ضلع نرگل (مزار دره)، چوڪائي، واتاپور، منوگي، چاپه دره ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ 800 ڄڻا فوت ٿيا آهن ۽ 2500 زخمي ٿي يپا. صوبي ننگر هار جي ضلع داره نور ۾ 12 ڄڻا فوت ءٌ۽ 255 زخمي ٿي پيا. صوبي لغمان جي ضلعي علي نگر ۾ 58 ڄڻا زخمي ٿي پيا. صوبي نورستان جي ضلع نورگرام ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿيا. صوبي پنجشير جي ضلع ابشار ۾ 5 گهر تباهه ٿيا جڏهن ته ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. ترجمان موجب وزيراعظم بحالي ۽ ترقي واري وزير ملا محمد يونس آخوندزاده جي اڳواڻي ۾ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جنهن ۾ مختلف وزارتن ۽ ادارن جا نمائندا شامل آهن. هن چيو ته وزيراعظم فوري امداد لاءِ 100 ملين افغاني رقم جاري ڪئي ۽ وڌيڪ صرورت پوڻ تي وڌيڪ فنڊ به فراهم ڪيا ويندا. گهرو وزارت، بچاءَ، صحت، صوبائي گورنرز، ريڊ ڪريسنٽ ۽ ٻيا ادارا زلزلي کان پوءِ امدادي سرگرمين ۾ مصروف آهن ۽ صوبي ننگر هار جي هوائي اڏي کان هن وقت تائين 40 اڏامون امدادي سامان ۽ زخمين جي منتقلي لاءِ هلايون ويون آهن. ترجمان سمورن فلاحي ادارن، واپارين ۽ عام افغان شهرين کي متاثر علائقن جي عوام جي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.