جڪارته _ 01 سيپٽمبر (اي پي پي ) انڊونيشيا جي اختيارين پاران پارليامينٽ جي ميمبرن کي ڏنل سهولتن خلاف شروع ٿيل مظاهرن بعد سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق مظاهرو جڪارته کان شروع ٿيل مظاهرا هاڻي يوگيا ڪارٽا، بنونگ، سمارانگ، سورابايا، ميدان ۽ مڪاسر سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا وڌي ويا آهن. اهي مظاهرا صدر ابو وسو بيانتو جي حڪومت خلاف هن وقت تائين جا سڀ کان وڏا ۽ پر تشدد مظاهرا آهن جڏهن ته مظاهري ڪندڙن ۾ هيل تائين 6 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن . جڪارته ۾ پوليس هر جڳهه چيڪ پوائنٽس قائم ڪيون آهن جڏهن ته فوج ۽ پوليس جو گڏيل گشت جاري آهي . پارليامينٽ ٻاهران بڪتر بند گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن جو گشت ڪيو پيو وڃي، اسڪولن ۽ سرڪاري آفيس جي سرگرمين کي اڱاري ڏينهن تائين آن لائين ڪيو ويو آهي. صدر ان بحران سبب چين جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي . دفاع واري وزير شافري سجا مسودين خبردار ڪيو آهي ته ڦر لٽ ۽ هنگامن ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.