ڪراڪس-01 سيپٽمبر (اي پي پي ) وينزويلا جي دفاع واري وزير ولادي مير پادرينولو پيز خبردار ڪيو آهي ته سندس ملڪ آمريڪا طرفان ڪنهن به امڪاني حملي لاءِ مڪمل طور تيار آهي . پرڏيهي خابرو اداري سرڪاري ميڊيا ذريعي جاري بيان ۾ دفاع واري وزير جي انهي بيان جنهن ۾ هن چيو ته جيڪڏهن آمريڪا وينزويلا جي سرزمين تي قدم رکڻ جي جرئت ڪئي ته اسان وڙهنداسين . پادرينوپيز چيو ته وينزويلا کي هڪ منظم گهيراءَ کي منهن ڏيڻو آهي جنهن جو مقصد اندروني ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ ۽ ملڪي سياسي قيادت کي ڪمزور ڪرڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪيريبين پاڻي ۾ آمريڪي سامونڊي جهازن جي مقرري رڳو طاقت جو مظاهرو آهي. اهو اهڙو طريقو آهي جنهن سان آمريڪا علائقي ۾ پنهنجي موجودگي ظاهر ڪري ٿو ته جيئن ٻيون عالمي طاقتون ڪيريبين سمنڊ ۾ پنهنجو اثر رسوخ قائم نه ڪري سگهن . دفاع واري وزير مطابق، 15،000 فوجي اهلڪارن کي وينزويلا جي اولهه وارن علائقن ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. ان سان گڏوگڏ ملڪ اندر سيڪيورٽي آپريشنز تحت منشيات خلاف ڪارروائين ۾ 30 کان وڌيڪ ڏوهاري اڏا ۽ غير قانوني ٻيڙين جا مرڪز تباهه ڪيا ويا آهن.