مانسهره ۾ ڪڪر ڦاٽڻ جو افسوسناڪ سانحو، 16 ڄڻن جا لاش هٿ

ايبٽ آباد-16 آگسٽ(اي پي پي) مانسهره ۾ نيل بن ڌيري حليم ۾ ڪڪر ڦاٽي پوڻ (ڪلائوڊ برسٽ) جي نتيجي ۾ گم ٿيل وڌيڪ 02 ڄڻن جا لاش ملي ويا آهن، مانسهره ۽ بٽگرام جي سرحد تي واقع ڳوٺ نيل بن ڌيري حليم ۾ ڪلائوڊ برسٽ، شديد برساتن ۽ ٻوڏ سبب 06 گهرن، دڪانن ۽ چوپائي مال جا واڙا مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا جنهن جي نتيجي ۾ 26 ڄڻا ۽ …

ايبٽ آباد-16 آگسٽ(اي پي پي) مانسهره ۾ نيل بن ڌيري حليم ۾ ڪڪر ڦاٽي پوڻ (ڪلائوڊ برسٽ) جي نتيجي ۾ گم ٿيل وڌيڪ 02 ڄڻن جا لاش ملي ويا آهن، مانسهره ۽ بٽگرام جي سرحد تي واقع ڳوٺ نيل بن ڌيري حليم ۾ ڪلائوڊ برسٽ، شديد برساتن ۽ ٻوڏ سبب 06 گهرن، دڪانن ۽ چوپائي مال جا واڙا مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا جنهن جي نتيجي ۾ 26 ڄڻا ۽ مال لڙهي ويو. ان کانپوءِ بٽگرام ٿاڻي جي حد مان 09 لاش هٿ آيان، جن ۾ 06 مرد، 02 عورتون ۽ هڪ ٻار شامل هو، جڏهن ته باقي گم ٿيلن جي ڳولا لاءِ ريسڪيو 1122، ضلعي انتظاميه، ٽي ايم اي، پوليس، رضاڪارن ۽ مقامي ماڻهن ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو جنهن دوران گذريل رات تائين 14 ڄڻن جا لاش ملي سگهيا. ريسڪيو اختيارين مطابق حادثي کانپوءِ رات لڳ ڀڳ 7:30 وڳي جاري سرچ آپريشن کي اونڌائي ۽ ڏکين علائقن سبب معطل ڪرڻو پيو هو، جڏهن ته صبح 06 وڳي ڏينهن جي روشني ۾ آپريشن ٻيهر شروع ڪيو ويو جنهن جي دوران وڌيڪ 02 لاش مليا آهن جنهن کانپوءِ هاڻي تائين 16 ڄڻن جا لاش ڪڍي چڪا آهيون. ريسڪيو ٽيمون هن وقت تائين باقي لاشن جي ڳولا لاءِ آپريشن ۾ مصروف آهن.