حيدرآباد-14 آگسٽ (اي پي پي) حيدرآباد ۾ جشنِ آزاديءَ جي مرڪزي تقريب ڪالهه سرڪٽ هائوس حيدرآباد ۾ شاندار طريقي سان منعقد ٿي، جنهن ۾ ميئر حيدرآباد ڪاشف علي شورو، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي، ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو، ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين ميمڻ، ايس ايس پي عادل حسين چانڊيو، ميونسپل ڪمشنر ظهور احمد لکڻ، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون گدا حسين سومرو، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو صبا …
حيدرآباد ۾ جشنِ آزاديءَ جي مرڪزي تقريب سرڪٽ هائوس حيدرآباد ۾ شاندار طريقي سان منعقد ڪئي وئي
حيدرآباد-14 آگسٽ (اي پي پي) حيدرآباد ۾ جشنِ آزاديءَ جي مرڪزي تقريب ڪالهه سرڪٽ هائوس حيدرآباد ۾ شاندار طريقي سان منعقد ٿي، جنهن ۾ ميئر حيدرآباد ڪاشف علي شورو، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي، ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو، ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين ميمڻ، ايس ايس پي عادل حسين چانڊيو، ميونسپل ڪمشنر ظهور احمد لکڻ، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون گدا حسين سومرو، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو صبا ڪلوڙ سميت مختلف کاتن جا آفيسر، شخصيتن ۽ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. تقريب جي شروعات تلاوتِ قرآن پاڪ سان ٿي، جنهن کانپوءِ جهنڊو ڦڙڪايو ويو ۽ پوليس جي چست جٿي سلامي پيش ڪئي. مختلف اسڪولن جي شاگردن حب الوطني ۽ حق جي ويڙهه جي موضوع تي تقريرون، ملي نغما ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا. خاص مهمانن طرفان مختلف شخصيتن ۽ آفيسرن کي بهترين ڪارڪردگيءَ تي اعزازي شيلڊون پڻ پيش ڪيون ويون. ان موقعي تي حيدرآباد جي ميئر ڪاشف علي شورو چيو ته هن سال آزاديءَ جو جوش وخروش پنهنجو مثال پاڻ آهي. هن پاڪ فوج جي ڀارت خلاف ڪارڪردگيءَ کي ساراهيندي شهيدن، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. ڊويزنل ڪمشنر فياض حسين عباسي شاگردن جي ٽيبلوز ۽ تقريرن کي ساراهيندي چيو ته جنهن طريقي سان پھرين آگسٽ کان 14 آگسٽ تائين تقريبن وسيلي حب الوطني جو ثبوت ڏنو ويو، جيڪو وِسارڻ جوڳو ناهي. هن چيو ته اسان جي فوج ڀارت جي آپريشن “سندور” کي “تندور” ۾ بدلائي دشمن جا عزم مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيا. تقريب کي خطاب ڪندي ڊي آءِ جي طارق رزاق ڌاريجو چيو ته هن سال ملڪ ۾ آزاديءَ جي جشن تقريبن ۾ نئين روح ڦوڪي وئي آهي. ايس ايس پي عادل حسين چانڊيو چيو ته هڪ آگسٽ کان 14 آگسٽ تائين مختلف تقريبن جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ عوام جو جوش ۽ جذبو مثالي رهيو، ۽ اسان کي عهد ڪرڻ گهرجي ته ملڪ ۽ قوم جي ترقيءَ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين.تقريب جي پڄاڻيءَ تي ڊويزنل ڪمشنر، ڊي آءِ جي ۽ ميئر حيدرآباد ٻوٽا پوکي مهم جي شروعات ڪئي.











