ڪراچي-13 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نئين حب ڪينال جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ان کي آزادي ڏهاڙي تي ڪراچي لاءِ هڪ وڏو تحفو قرار ڏنو۔ هن چيو ته هي نئون ڪينال شهر کي اضافي 100 ملين گيلن روزانو (ايم جي ڊي) پاڻي فراهم ڪندو جيڪو پراڻي ڪينال جي اڳوڻي گنجائش کان ٻيڻو آهي۔ مراد علي شاهه وضاحت ڪندي چيو ته پراڻو …
نئون حب ڪينال آزاديءَ جي ڏهاڙي تي هڪ وڏو تحفو آهي: سيد مراد علي شاهه
ڪراچي-13 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نئين حب ڪينال جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ان کي آزادي ڏهاڙي تي ڪراچي لاءِ هڪ وڏو تحفو قرار ڏنو۔ هن چيو ته هي نئون ڪينال شهر کي اضافي 100 ملين گيلن روزانو (ايم جي ڊي) پاڻي فراهم ڪندو جيڪو پراڻي ڪينال جي اڳوڻي گنجائش کان ٻيڻو آهي۔ مراد علي شاهه وضاحت ڪندي چيو ته پراڻو ڪينال مؤثر نموني سان 60 ايم جي ڊي پاڻي به نه پهچائي سگهندو هو پر نئون انفراسٽرڪچر اها کوٽ پوري ڪندو۔ هن چيو اسان بغير ڪنهن خرچ ۾ اضافي جي هي ڪينال ڄاڻايل وقت ۽ بجيٽ ۾ مڪمل ڪيو۔ هي آزادي ڏھاڙي کان اڳ ڪراچي وارن لاءِ هڪ تحفو آهي۔ وڏي وزير اعلان ڪيو ته پراڻي ڪينال جي بحالي ڊسمبر تائين مڪمل ڪئي ويندي جنهن سان شهر جي پاڻي جي گنجائش 140 ايم جي ڊي تائين وڌي ويندي۔ هن وڌيڪ چيو ته صوبائي حڪومت وفاقي حڪومت سان سنڌ ۽ بلوچستان جي پاڻي جي ڪوٽا ۾ اضافي لاءِ ڳالهين ۾ مصروف آهي ڇاڪاڻته آبهوا جي تبديلي سبب پاڻي جي دستيابي ۾ بهتري آئي آهي۔ ٻين منصوبن بابت ڳالهائيندي مراد شاهه چيو ته 35 ايم جي ڊي جو هڪ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ سيپٽمبر ۾ مڪمل ٿيندو جيڪو صنعتن کي پاڻي فراهم ڪندو ۽ پيئڻ جو پاڻي گهرن جي استعمال لاءِ محفوظ رهندو۔ هن ٻڌايو ته جيئن ئي ڪي فور وڌائڻ وارو مرحلو ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان مڪمل ٿيندو ڪراچي کي 550 ايم جي ڊي پاڻي مهيا ٿيندو جنهن سان کوٽ ۾ نمايان گهٽتائي ايندي، نئون حب ڪينال 21.8 ڪلوميٽر ڊگهو آهي ۽ ان ۾ 11 آبي لنگھه، 19 ڪلورٽ ۽ چار پل شامل آهن جنهن جي ڪل گنجائش 130 ايم جي ڊي آهي۔ منصوبي جي ٻئي مرحلي ۾ پراڻي ڪينال جي بحالي شامل آهي جنهن جو 21.8 ڪلوميٽر وارو حصو تيزيءَ سان ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ بند ڪيو ويو آهي۔ منگهوپير پمپنگ اسٽيشن جي 150 ايم جي ڊي گنجائش به بحال ٿي رهي آهي گڏوگڏ فلٽريشن پلانٽ جو رنگ روغن پڻ جاري آهي۔ مراد علي شاهه خاطري ڪرائيندي چيو ته ڊسمبر تائين ڪراچي جو وفاقي پاڻي ڪوٽا وڌائي 200 ايم جي ڊي ڪيو ويندو۔ هن چيو اسان 13 آگسٽ تي منصوبي جو افتتاح واعدي مطابق ڪيو ۽ وڌيڪ ٻڌايو ته هن منصوبي مان خاص طور تي ويسٽ وهارف، ڪياماڙي ۽ مرڪزي ڪراچي جا علائقا فائدو وٺندا.











