آمريڪي رياست ڪينٽڪي ۾ گرجاگهر ويجھو فائرنگ سبب 2 عورتون مارجي ويون، حملو ڪندڙ به مارجي ويو

واشنگٽن - 14 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي رياست ڪينٽڪي ۾ گرجاگهر ويجھو فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 عورتون مارجي ويون آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق پوليس جي سربراھه ٻڌايو ته اھو واقعو رچمنڊرو ڊپر چرچ ويجھو پيش آيو. حملي دوران 2 ماڻھو زخمي به ٿيا جن کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي. فائرنگ سبب زخمي ٿيل ھڪ شخص جي حالت ڳڻتي جوڳي آھي. حملو ڪندڙ موقعي تي ئي فائرنگ …

واشنگٽن – 14 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي رياست ڪينٽڪي ۾ گرجاگهر ويجھو فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 عورتون مارجي ويون آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق پوليس جي سربراھه ٻڌايو ته اھو واقعو رچمنڊرو ڊپر چرچ ويجھو پيش آيو. حملي دوران 2 ماڻھو زخمي به ٿيا جن کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي. فائرنگ سبب زخمي ٿيل ھڪ شخص جي حالت ڳڻتي جوڳي آھي. حملو ڪندڙ موقعي تي ئي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ مارجي ويو. پوليس سربراھه ٻڌايو ته شڪي ماڻھو جي سڃاڻپ ناھي ٿي سگھي ۽ نه ئي سندس ڪٽنب بابت ڪو پتو پئجي سگهيو آھي.

مزید خبریں