دبئي - 14 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن جي صدر شيخ محمد بن زايد آل نھيان ۽ ترڪي جي صدر طيب اردغان ٽيليفونڪ رابطي ۾ وچ اوڀر جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق رابطي دوران ٻنھي اڳواڻن خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي وڌائڻ جي سمورين ڪوششن جي سپورٽ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ھن ڳالھين ۽ سفارتي ذريعن سان خطي جي …
گڏيل عرب امارتن ۽ ترڪي جي صدر جو ٽيليفونڪ رابطو، علائقائي استحڪام لاءِ سهڪار جو عزم

مزید خبریں
دبئي – 14 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن جي صدر شيخ محمد بن زايد آل نھيان ۽ ترڪي جي صدر طيب اردغان ٽيليفونڪ رابطي ۾ وچ اوڀر جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق رابطي دوران ٻنھي اڳواڻن خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي وڌائڻ جي سمورين ڪوششن جي سپورٽ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ھن ڳالھين ۽ سفارتي ذريعن سان خطي جي بحرانن کي منھن ڏيڻ لاءِ ھم آھنگي جي ضرورت تي به زور ڀريو جيڪو پائيدار امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ لاءِ ضروري آھي. امارتن ۽ ترڪي جي صدر وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو انقره ۽ ابوظھبي وچ ۾ لاڳاپن، اقتصادي شراڪت ۽ مختلف شعبن ۾ مضبوط سھڪار کي ظاھر ڪري ٿو.











