آمريڪا، ڏکڻ ڪوريا ۽ جاپان،  اتر ڪوريا خلاف اتحاد قائم ڪرڻ کان پاسو ڪن:روس

ماسڪو -13 جولاءِ (اي پي پي) روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف آمريڪا، ڏکڻ ڪوريا ۽ جاپان کي اتر ڪوريا کي نشانو بڻائڻ لاءِ سيڪيورٽي پارٽنرشپ ٺاهڻ خلاف خبردار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهڙن خيالن جو اظهار روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف ڇنڇر ڏينهن اتر ڪوريا جي اترئين شهر ونسن  ۾ ڳالهائيندي ڪيو.  هن اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ان سان ملاقات ڪئي ۽ روس جي صدر …

ماسڪو -13 جولاءِ (اي پي پي) روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف آمريڪا، ڏکڻ ڪوريا ۽ جاپان کي اتر ڪوريا کي نشانو بڻائڻ لاءِ سيڪيورٽي پارٽنرشپ ٺاهڻ خلاف خبردار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهڙن خيالن جو اظهار روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف ڇنڇر ڏينهن اتر ڪوريا جي اترئين شهر ونسن  ۾ ڳالهائيندي ڪيو.  هن اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ان سان ملاقات ڪئي ۽ روس جي صدر ولاديمير پيوٽن طرفان مبارڪون پيش ڪيون. ملاقات دوران ڪم جونگ ان پنهنجي حڪومت جي يوڪرين سان تڪرار ۾ روس جي کنيل سمورن قدمن جي غير مشروط حمايت ۽ همٿائڻ جو عزم ورجايو. اتر ڪوريا جي سرڪاري ڪورين سينٽرل نيوز ايجنسي مطابق هن جو چوڻ هو ته پيانگ يانگ ۽ ماسڪو سمورن اسٽريٽجڪ معاملن تي اتحاد جي سطح تي هڪ جهڙا خيال رکن ٿا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي، ته روس جي پرڏيهي وزير سرگرئي لاوروف عالمي معاملن ۾ اسٽريٽجڪ ۽ حڪمت عملي جي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ ٺوس ڪارروائي کي تيز ڪرڻ تي زور ڀريو. روس ۽ اتر ڪوريا وچ ۾ لاڳاپا هاڻوڪن سالن ۾ اڀريا آهن. اتر ڪوريا فوجي ۽ اقتصادي سهڪار بدلي يوڪرين خلاف روس جي جنگ ۾ مدد لاءِ فوج ۽ گولا بارود فراهم ڪندو آهي.  ان سان ڏکڻ ڪوريا، آمريڪا ۽ ٻين جا خدشا وڌي ويا آهن ته روس اتر ڪوريا کي حساس ٽيڪنالاجيز به منتقل ڪري سگهي ٿو جنهن سان سندن ايٽمي ۽ ميزائيل پروگرامن کي خطرو وڌي سگهي ٿو.

مزید خبریں