گڏيل قومون -13 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي عالمي موسمياتي تنظيم چيو آهي، ته ريتي ۽ مٽي جي طوفان 150 کان وڌيڪ ملڪن ۾ اٽڪل 33 ڪروڙ ماڻهن کي متاثر ڪيو آهي، صحت، معيشتون ۽ ماحوليات جي حوالي سان نقصانن کي وڌائي رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي نمائنده لورا پيٽرسن جنرل اسيمبلي کي ٻڌايو ته هر سال اٽڪل 2 ارب ٽن ڌوڙ خارج ٿيندي آهي، …
ريتي ۽ مٽي جي طوفان سان 33 ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا، خارج ٿيندڙ ڌوڙ مصر جي 300 اهرامن برابر آهي: گڏيل قومون

مزید خبریں
گڏيل قومون -13 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي عالمي موسمياتي تنظيم چيو آهي، ته ريتي ۽ مٽي جي طوفان 150 کان وڌيڪ ملڪن ۾ اٽڪل 33 ڪروڙ ماڻهن کي متاثر ڪيو آهي، صحت، معيشتون ۽ ماحوليات جي حوالي سان نقصانن کي وڌائي رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي نمائنده لورا پيٽرسن جنرل اسيمبلي کي ٻڌايو ته هر سال اٽڪل 2 ارب ٽن ڌوڙ خارج ٿيندي آهي، جيڪا مصر جي 300 اهرامن برابر آهي. هن چيو ته دنيا جي 80 سيڪڙو کان وڌيڪ مٽي اتر آفريقا ۽ وچ اوڀر جي ريگستانن مان ايندي آهي، پر ان جو عالمي سطح تي اثر پوندو آهي ڇاڪاڻ ته اهي ذرڙا کنڊن ۽ سمنڊن ۾ هزارين ڪلوميٽر سفر ڪري سگهندا آهن. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ڇنڇر ڏينهن ريتي ۽ مٽيءَ جي طوفانن کي منهن ڏيڻ وارو عالمي ڏينهن ملهايو. اسيمبلي جي صدر فليمون يانگ چيو ته طوفان تيزي سان اسان جي دور جي سڀ کان وڌيڪ نظر انداز ٿيندڙ آهن پر اهي گهڻين عالمي چئلينجن مان هڪ بڻجي رهيا آهن.











