چين جو ”شي شيا شاهي مقبرو“ عالمي ثقافتي ورثي ۾ شامل

بيجنگ-12 جولاءِ (اي پي پي) فرانس ۾ يونيسڪو جي 47هين عالمي ثقافتي ورثي واري اجلاس ۾ هڪ ٺهراءَ ذريعي چين پاران نامزد ڪيل ”شي شيا شاهي مقبري“ کي عالمي ثقافتي ورثي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ چين جي عالمي ثقافتي ورثي وارن ماڳن جو تعداد 60 تائين پهچي ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب شي شيا شاهي مقبرو چين جي اتر اولهه واري علائقي نينگ شيا هوئي …

بيجنگ-12 جولاءِ (اي پي پي) فرانس ۾ يونيسڪو جي 47هين عالمي ثقافتي ورثي واري اجلاس ۾ هڪ ٺهراءَ ذريعي چين پاران نامزد ڪيل ”شي شيا شاهي مقبري“ کي عالمي ثقافتي ورثي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ چين جي عالمي ثقافتي ورثي وارن ماڳن جو تعداد 60 تائين پهچي ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب شي شيا شاهي مقبرو چين جي اتر اولهه واري علائقي نينگ شيا هوئي جي خودمختيار علائقي جي شهر ينچوان ۾ واقع 11هين کان 13هين صدي جي وچ ڌاري تانگ شيانگ قوميت  جي قائم ڪيل شي شيا بادشاهت  جي شاهي مقبرن جي آثارن جو مجموعو آهي. شي شيا شاهي دور جا اهي مقبرا هن وقت تائين محفوظ ڪيل سڀ کان وڏا اعليٰ ترين درجي جا ۽ جامع ترين قديمي آثارن جا ماڳ آهن، جيڪي شاهراهه ريشم تي شي شيا بادشاهت جي هڪ اهم ڪڙي ۽ مرڪزي حيثيت جا ثبوت فراهم ڪن ٿا.

مزید خبریں