گذريل مالي سال 25-2024ع دوران پاڪستان ريلوي جي آمدنيءَ ۾ 5 ارب رپين جي واڌ ٿي آهي: حنيف عباسي

اسلام آباد-11 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير حيف عباسي چيو آهي ته گذريل مالي سال 25-2024ع دوران پاڪستان ريلوي جي آمدنيءَ ۾ 5 ارب رپين جي واڌ ٿي آهي، ان دوران 93 ارب رپيا آمدني حاصل ٿي. مسافر ريلن مان 47.5 ارب رپيا جڏهن ته مال بردار گاڏين ۾ حاصل ٿيندڙ 31.5 ارب رپين جي نمايان آمدني شامل آهي. وزارت طرفان جاري بيان موجب وفاقي وزير چيو …

اسلام آباد-11 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير حيف عباسي چيو آهي ته گذريل مالي سال 25-2024ع دوران پاڪستان ريلوي جي آمدنيءَ ۾ 5 ارب رپين جي واڌ ٿي آهي، ان دوران 93 ارب رپيا آمدني حاصل ٿي. مسافر ريلن مان 47.5 ارب رپيا جڏهن ته مال بردار گاڏين ۾ حاصل ٿيندڙ 31.5 ارب رپين جي نمايان آمدني شامل آهي. وزارت طرفان جاري بيان موجب وفاقي وزير چيو ته گذريل مالي سال جي پڄاڻيءَ تي ريلوي جي تاريخ ساز آمدني ٿي ۽ سال دوران پاڪستان ريلويز 93 ارب رپين جي آمدني حاصل ڪئي اهي. هن چيو ته سال دوران مسافر ريلن مان 47.5 ارب رپيا جڏهن ته مال گاڏين مان 31 ارب رپيا حاصل ٿيا ۽ ملٽري ٽريفڪ مان 1.5 ارب رپيا، جڏهن ته ٻين ڪچنگ ذريعن مان 3 ارب رپين جي آمدني حاصل ٿي. ريلوي واري وزير چيو ته ان کان علاوه ٻين ذريعن مان 9.5 ارب رپيا حاصل ٿيا. هن چيو ته ريلوي جي 78 سالن جي قومي تاريخ ۾ هي ريلوي جي آمدنيءَ جي بلند ترين سطح آهي. هن چيو ته مالي سال 24-23ع دوران پاڪستان ريلويز 88 ارب رپيا ڪمايا هئا. اهڙيءَ طرح گذريل مالي سال دوران آمدنيءَ ۾ 5 ارب رپين جي واڌ ٿي آهي. هن وڌيڪ چيو ته مسافر ريلن جي شعبي ۾ ڪراچي ڊويزن جو روينيو سڀ کان وڌيڪ رهيو آهي ۽ ڪراچي ڊويزن مالي سال ۾ 14.75 ارب رپين جي آمدني حاصل ڪئي آهي. اهڙيءَ طرح 11.25 ارب رپين جي آمدنيءَ سان لاهور ٻئي نمبر تي رهيو، جڏهن ته هيڊ ڪوارٽرز ۽ ملتان ڊويزن ترتيبوار 5.25 ۽ 5 ارب رپيا ڪمايا. وفاقي وزير چيو ته سکر ڊويزن جي آمدني 4.8 ارب رپيا ۽ راولپنڊي ڊويزن جي آمدني 4.7 ارب رپيا رهي، جڏهن ته پشاور 1.25 ارب رپين جو روينيو جنريٽ ڪيو ۽ ڪوئيٽه 52 ڪروڙ رپين جا آمدني حاصل ڪئي. وفاقي وزير چيو ته مال بردار گاڏين جي حوالي سان ڪراچي ڊويزن 28 ارب سان پهرئين نمبر تي جڏهن ته ملتان ڊويزن هڪ ارب رپين جي فريٽ سان ٻئي نمبر تي رهي. هن چيو ته لاهور ڊويزن جو فريٽ روينيو 83 ڪروڙ رپيا، پشاور 77 ڪروڙ رپيا، راولپنڊي 31 ڪروڙ رپيا، سکر 28 ڪروڙ رپيا ۽ ڪوئيٽه ڊويزن 10 ڪروڙ رپين جو فريٽ روينيو ڪمايو آهي. وفاقي وزير چيو ته محدود وسيلن سان شاندار ڪارڪردگيءَ تي ريلوي انتظاميه کيرون لهڻي، ايندڙ مالي سال مال بردار گاڏين سان 70 سيڪڙو تائين انڪم جنريشن کي ممڪن بنائينداسين. ريلوي مزدورن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته ريلوي مزدور اداري جي استحڪام لاءِ پنهنجو رت ۽ پگهر وهايو آهي.

مزید خبریں